پاڻ کي مالڪ سمجھڻ جو نتيجو:
وَ اَوْرَثْنَا الْقَوْمَ الَّذِیۡنَ کَانُوۡا یُسْتَضْعَفُوۡنَ مَشَارِقَ الۡاَرْضِ وَ مَغَارِبَہَا الَّتِیۡ بٰرَكْنَا فِیۡہَا ؕ وَ تَمَّتْ کَلِمَتُ رَبِّکَ الْحُسْنٰی عَلٰی بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ۬ۙ بِمَا صَبَرُوۡا ؕ وَ دَمَّرْنَا مَا کَانَ یَصْنَعُ فِرْعَوْنُ وَ قَوْمُہٗ وَمَا کَانُوۡا یَعْرِشُوۡنَ ﴿۱۳۷﴾ (الاعراف:137)
”۽ جنهن زمين ۾ اسان برڪت رکي آهي. تنهن جي اڀرندن ۽ الهندن جو ان قوم کي وارث ڪيو سون. جن کي ضعيف سمجهيو ويندو هو ۽ بني اسرائيلين جي حق ۾ تنهنجي پاليندڙ جو چڱو وعدو سندن صبر جي ڪري پورو ٿيو. ۽ فرعون ۽ سندس قوم جو ڪجهه بنائيندا هئا ۽ جيڪي (وڏيون عمارتون) ٺاهيندا هئا، سي اسان برباد ڪري ڇڏيون.“
ڇو ته ڌرتي الله جي آهي. ۽ الله جنهن کي چاهيندو آهي، ان کي پنهنجي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو آهي. قرآن جو اعلان آهي.
قُلِ اللّٰہُمَّ مٰلِکَ الْمُلْکِ تُؤْتِی الْمُلْکَ مَنۡ تَشَآءُ وَتَنۡزِعُ الْمُلْکَ مِمَّنۡ تَشَآءُ ۫ وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ وَتُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ ؕ بِیَدِکَ الْخَیۡرُ ؕ اِنَّکَ عَلٰی كُلِّ شَیۡءٍ قَدِیۡرٌ ﴿۲۶﴾ (آل عمران: 26)
(اي رسول!) چئو ته اي الله ملڪ جا مالڪ! جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي بادشاهي ڏين ٿو ۽ جنهن کان گهرين ٿو تنهن کان بادشاهي کسين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي عزت وارو ڪرين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي خوار ڪرين ٿو. تنهن جي هٿ ۾ چڱائي آهي. بيشڪ تون سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهين.
الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذات سراپا رحمت، شفقت، ٻاجهه، مهر ۽ مهربانيءَ جو مجسمو آهي. هو پنهنجي مهر ۽ مهربانيءَ سان جڳ جهان کي روزي رسائي رهيو آهي. ٻاجهارو ۽ مهربان الله پنهنجن چاهيندڙن ۽ مڃيندڙن کي به عزت ڀري روزيءَ سان نوازي رهيو آهي ته پنهنجن نافرمانن، سرڪشن، ظالمن ۽ نه مڃيندڙن کان به پنھنجي عطا کي روڪيو نٿائين. پر جيڪڏهن هو پنهنجو اقتدار اعليٰ انسانن جي حوالي ڪري ڇڏي ته هڪڙا انسان ٻين انسانن کي پاڻيءَ جي ڍڪ جي لاءِ به تڙپائي مارن. هو جڏهن نائب ۽ خليفو هوندي انسانيت جي رت چوسين ٿا ته پوءِ ڪلي اختيار ملڻ کان پوءِ اهي ٻين کي جيئرو جاڳندو ڪيئن ڇڏيندا؟
انسان انتهائي حاسد ۽ لالچي آهي. هو ٻئي جو چڱو ناهي چاهيندو. قرآن انسان جي نفسيات کان آگاهه آهي. تنهن ڪري هو وڏي واڪي اعلان ڪري ٿو ته دنيا ۽ آخرت جا خزانا الله جا آهن، دنيا جي حڪومت ۽ بادشاهي الله تعاليٰ جي آهي، هو پنهنجي حڪمت سان جنهن کي چاهيندو آهي بادشاهي عطا ڪندو آهي. انسان ڪير ٿيندو آهي، ڇا ۽ ڇو ڪرڻ وارو . قرآن جو اعلان آهي.
اَمْ لَہُمْ نَصِیۡبٌ مِّنَ الْمُلْکِ فَاِذًا لَّا یُؤْتُوۡنَ النَّاسَ نَقِیۡرًا ﴿ۙ۵۳﴾ اَمْ یَحْسُدُوۡنَ النَّاسَ عَلٰی مَاۤ اٰتٰہُمُ اللہُ مِنۡ فَضْلِہٖ ۚ فَقَدْ اٰتَیۡنَاۤ اٰلَ اِبْرٰهِیۡمَ الْکِتٰبَ وَالْحِكْمَۃَ وَاٰتَیۡنٰہُمۡ مُّلْكًا عَظِیۡمًا ﴿۵۴﴾ (النساء: 54)
ڀلا انهن جو بادشاهيءَ ۾ ڪجهه حصو آهي ڇا؟ پوءِ اهي ان وقت ماڻهن کي تر برابر (ڪاشئي) نه ڏيندا يا ته الله جيڪي ماڻهن کي پنهنجي فضل مان ڏنو آهي تنهن تي انهن سان حسد ڪن ٿا. پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني، ۽ کين وڏي بادشاهي ڏني سون.