قرآن روحاني بيمارين کان شفا آهي:
امام غزاليءَ جو چوڻ آهي ته اخلاق ۾ اعتدال صحت نفس جي علامت آهي ۽ عدم اعتدال مرض جي علامت آهي، جيئن مزاج ۾ اعتدال جسم جي صحت جي نشاني ۽ عدم اعتدال بيماريءَ جي علامت آهي، تنهن ڪري ان احياء العلوم جو ٽيون جلد قلبي بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت لکيو آهي. ان اخلاقي بيمارين ۾ هيٺين شين کي شمار ڪيو آهي، شهوت، پيٽ، اوگهڙ، زبان جون آفتون ۽ مصيبتون، ساڙ، حسد، دنيا ۽ دولت جي محبت ۽ حوس، بخل، رياء تڪبر، خودپسندي ۽ غرور ۽ آڪڙ، هن انهن تي تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ انهن جا سبب ۽ علاج ٻڌايا آهن، ڪن حق کي حق نه سمجهڻ ۽ ان مطابق عمل نه ڪرڻ کي پڻ دل جي بيمارين ۾ شمار ڪيو آهي.
هڪ حديث شريف ۾ روحاني بيمارين ڏانهن هن ريت اشارو ڪيو ويو آهي.
پاڻ سڳورن جو فرمان آهي:
الا ادلکم علی دائکم ودوائکم الا ان داء کم الذنوب ودواءَ کم الاستغفار
ڇا آءٌ اوهان کي بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت نه ٻڌايان؟ توهان جا گناهه اوهان جي بيماري آهن ۽ انهن جو علاج استغفار آهي.
ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته قرآن مجيد کي جيڪو شفا چيو ويو آهي ان مان مراد روحاني بيمارين کان شفا آهي. الله تعاليٰ جو فرمان آهي.
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدْ جَآءَتْكُمۡ مَّوْعِظَۃٌ مِّنۡ رَّبِّكُمْ وَشِفَآءٌ لِّمَا فِی الصُّدُوۡرِ ۬ۙ وَھُدًی وَّرَحْمَۃٌ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ﴿۵۷﴾ (يونس:57)
اي انسانو! اوهان جي پاليندڙ جي طرفان اوهان وٽ نصيحت ۽ دلين جي بيماري جي شفا ۽ ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آئي آهي،
هڪ ٻي هنڌ ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
وَنُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا ھُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَۃُ لِّلْمُؤْمِنِیۡنَ ۙ (الاسراء: 82)
۽ اسين اهو قرآن نازل ڪريون ٿا جو ايمان وارن لاءِ شفا ۽ رحمت آهي.
الله جو ذڪر ۽ ان جي ياد مئومنن جي دلين کي گرمائي وجهندي آهي ۽ الله جون آيتون ايمان وارن جي ايمان ۾ اضافو ڪنديون آهن،قرآن واضح طور تي چئي ٿو:
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللہُ وَجِلَتْ قُلُوۡبُہُمْ وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال:2)
ايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
هڪ ٻي جڳهه تي ان ساڳي مفهوم کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِیَ ٭ۖ تَقْشَعِرُّ مِنْہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخْشَوْنَ رَبَّہُمْ ۚ ثُمَّ تَلِیۡنُ جُلُوۡدُھُمْ وَ قُلُوۡبُہُمْ اِلٰی ذِكْرِ اللہِ ؕ ذٰلِکَ ھُدَی اللہِ یَہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ یَّشَآءُ ؕ وَ مَنۡ یُّضْلِلِ اللہُ فَمَا لَہٗ مِنْ ھَادٍ ﴿۲۳﴾ (الزمر:23)
الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن. ان جي ٻڌڻ سان انهن (ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا، جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وري سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون. هي (قرآن) الله جي هدايت آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪو به هدايت ڪندڙ نه آهي.