3- آخرت جو انڪار ۽ دنيا پرستي
وَالَّذِیۡنَ یُؤْمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ یُؤْمِنُوۡنَ بِہٖ وَ ہُمْ عَلٰی صَلَاتِہِمْ یُحَافِظُوۡنَ ﴿۹۲﴾ (الانعام آيت 92)
۽ جيڪي آخرت تي ايمان آڻن ٿا، سي ان (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجيءَ نماز جو (هميشه) خيال رکن ٿا.
۽ اهي ماڻهو جيڪي آخرت جا منڪر آهن يا اهڙا ماڻهو جيڪي دنيا پرستي جي ڪري آخرت کي وساري ويٺا آهن ۽ زندگيءَ جي سمورن مسئلن ۾ انهن جي نقطه نظر بلڪل مادي آهي انهن لاءِ قرآن بي اثر يا گهٽ اثر وارو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَ اِذَا قَرَاۡتَ الْقُرۡاٰنَ جَعَلْنَا بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَ الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ حِجَابًا مَّسْتُوۡرًا ﴿ۙ۴۵﴾ وَّ جَعَلْنَا عَلٰی قُلُوۡبِہِمْ اَکِنَّۃً اَنۡ یَّفْقَہُوۡہُ وَ فِیۡۤ اٰذَانِہِمْ وَقْرًا ؕ وَ اِذَا ذَکَرْتَ رَبَّکَ فِی الْقُرْاٰنِ وَحْدَہٗ وَ لَّوْا عَلٰۤی اَدْبَارِہِمْ نُفُوۡرًا ﴿۴۶﴾ (بني اسرائيل : 45-46)
۽ جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو ته اسين تنهنجي وچ ۾ ۽ جيڪي آخرت کي نه ٿا مڃين تن جي وچ ۾ لڪل پردو وجهون ٿا ۽ اسين سندن دلين تي پردا وجهون ٿا ته متان ان کي سمجهڻ ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وجهون ٿا) ۽ جڏهن تون قرآن ۾ پنهنجي اڪيلي پاليندڙ جو بيان ڪرين ٿو ته ٽهي پنهنجي پٺين ڀر ڀڄن ٿا.
اِنَّ الَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللہِ ۙ لَا یَہۡدِیۡہِمُ اللہُ وَلَہُمْ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۱۰۴﴾ (النحل : 104)
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن تي ايمان نٿا آڻين تن کي الله رستو نه ٿو ڏيکاري ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
اِلٰـہُكُمْ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ ۚ فَالَّذِیۡنَ لَا یُؤْمِنُوۡنَ بِالۡاٰخِرَۃِ قُلُوۡبُہُمۡ مُّنۡکِرَۃٌ وَّہُمۡ مُّسْتَكْبِرُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (النحل:22)
پوءِ جيڪي آخرت تي ايمان نٿا آڻين تن جون دليون انڪار ڪندڙ آهن ۽ اهي مغرور آهن.
فَاَعْرِضْ عَنۡ مَّنۡ تَوَلّٰی ۬ۙ عَنۡ ذِكْرِنَا وَ لَمْ یُرِدْ اِلَّا الْحَیٰوۃَ الدُّنْیَا ﴿ؕ۲۹﴾ ذٰلِکَ مَبْلَغُہُمۡ مِّنَ الْعِلْمِ ؕ اِنَّ رَبَّکَ ہُوَ اَعْلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ ۙ وَ ہُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اہۡتَدٰی ﴿۳۰﴾ (النجم 29-30)
پوءِ (اي پيغمبر صه) تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه گهريو. اها سندن علم جي انتها آهن. بيشڪ تنهنجو رب ئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جو سندس رستي کان پري وڃي پوي ۽ اهوئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي جو رستي تي هليو.
ماديت جو غلبو انهن ۾ اهڙي شقاوت ۽ بدبختي پيدا ڪري ڇڏيندو آهي جو غيرمادي شين جي باري ۾ انهن جو دماغ ڪم ئي نه ڪري سگهندو آهي ۽ اهو انهن شين جو انڪار ڪري ڇڏيندو آهي.
اِنَّ الَّذِیۡنَ لَا یَرْجُوۡنَ لِقَآءَنَا وَ رَضُوۡا بِالْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا وَ اطْمَاَنُّوۡا بِہَا وَالَّذِیۡنَ ہُمْ
عَنْ اٰیٰتِنَا غٰفِلُوۡنَ ۙ﴿۷﴾ (يونس : 7)
بيشڪ جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ سان خوش ٿيا آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن ۽ جيڪي اسان جي آيتن کان بي خبر آهن.
بَلِ ادّٰرَکَ عِلْمُہُمْ فِی الْاٰخِرَۃِ ۟ بَلْ ہُمْ فِیۡ شَكٍّ مِّنْہَا ۫۟ بَلْ ہُمۡ مِّنْہَا عَمُوۡنَ ﴿٪۶۶﴾ (النمل : 66)
پر سندن علم آخرت جي باري ۾ نه رهيو آهي، مگر انهن کي ان ۾ شڪ آهي بلڪ اهي ان کان انڌا آهن.
هڪ شيءِ جيڪا ڪافرن لاءِ مخصوص نه آهي اها آهي متشابهه آيتن مان پنهنجن غرضن لاءِ استدلال ڪرڻ ۽ تحريف ۽ غلط تاويل جي ذريعي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۽ پنهنجي بڇڙائي ۽ بدنيتي ظاهر ڪرڻ، اهڙن ماڻهن بابت قرآن فرمائي ٿو:
ہُوَ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ عَلَیۡکَ الْکِتٰبَ مِنْہُ اٰیٰتٌ مُّحْکَمٰتٌ ہُنَّ اُمُّ الْکِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِہٰتٌ ؕ فَاَمَّا الَّذِیۡنَ فیۡ قُلُوۡبِہِمْ زَیۡغٌ فَیَتَّبِعُوۡنَ مَا تَشَابَہَ مِنْہُ ابْتِغَآءَ الْفِتْنَۃِ وَابْتِغَآءَ تَاۡوِیۡلِہٖ ۚ (ال عمران : 7)
هو اهو آهي جنهن توتي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنيٰ واريون) آيتون آهن اهي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون متشابهات آهن (يعني انهن جي هڪ مقرر ڪيل معنيٰ نه آهي.) پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي سي ڪتاب مان متشابهات جي پيروي ڪن ٿا. فتني پکيڙڻ جي غرض سان ۽ ان جي (دل گهرئي) مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ اهي صفتون جيڪي قرآن جي سمجهڻ ۽ استفادي لاءِ معاون آهن.