مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

حڪمت جي معنيٰ:

حڪمت جو مادو، ح،ک، م آهي، لسان العرب واري ان جي معنيٰ ڪئي آهي ”معرفت افضل الاشياء بافضل العلوم“ يعني اعليٰ شين جي معرفت اعليٰ علمن جي ذريعي. ”تاج العروس“ واري ان جي معنيٰ ڪئي آهي ”العلم بحقائق الاشياء علی ماهيت عليہ والعمل بمقتضاها“ ”يعني شين جي حقيقت کي انهن جي اصليت جي مطابق ڄاڻڻ ۽ ان علم جي تقاضائن مطابق عمل ڪرڻ.“ علامه جرجانيءَ وٽ هر اها ڳالهه جيڪا حق جي موافق هجي حڪمت آهي. اهڙو علم جنهن تي عمل ڪيو وڃي ان کي پڻ حڪمت چيو ويندو آهي، راغب اصفهانيءَ، وٽ حق جي اهڙي مطابقت جيڪا علم ۽ عقل جي موافق هجي، حڪمت آهي.