مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

الله تعاليٰ جا پسنديده ماڻهو:

الله تبارڪ و تعاليٰ وٽ عزت، مرتبي ۽ مٿاهين هئڻ جو اعتبار تزڪيي، پرهيزگاري ۽ تقويٰ تي آهي، قرآن فرمائي ٿو:
اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنۡدَ اللہِ اَتْقٰكُمْ ؕ(الحجرات:13)
بيشڪ الله وٽ ان جي وڏي عزت آهي، جنهن کي تقويٰ (پرهيزگاري) گهڻي (آهي).
اهو ئي سبب آهي جو قرآن مجيد نيڪي ۽ تقويٰ جي معاملي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو:
وَلَا تَعَاوَنُوۡا عَلَی الۡاِثْمِ وَالْعُدْوَانِ ۪ وَاتَّقُوا اللہَ ؕ اِنَّ اللہَ شَدِیۡدُالْعِقَابِ ﴿۲﴾
(المائده:2)
۽ ڀلائيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو ۽ گناهه ۽ ظلم ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪريو. ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.
آخرت جون ابدي نعمتون به انهن لاءِ ئي آهن، جيڪي الله کان ڊڄن ٿا ۽ دنيا ۾ فساد نه ٿا ڦيلائين، قرآن فرمائي ٿو:
تِلْکَ الدَّارُ الْاٰخِرَۃُ نَجْعَلُہَا لِلَّذِیۡنَ لَا یُرِیۡدُوۡنَ عُلُوًّا فِی الْاَرْضِ وَلَا فَسَادًا ؕ وَالْعَاقِبَۃُ لِلْمُتَّقِیۡنَ ﴿۸۳﴾ (القصص:83)
اهو آخرت جو گهر آهي، اسان اهو انهن کي ڏينداسين، جيڪي ملڪ ۾ نه وڏائي ڪرڻ ۽ نه فساد ڪرڻ گھرندا آهن ۽ (الله کان) ڊڄڻ وارن جي پڇاڙي ڀلي آهي.
پاڻ سڳورن پڻ پنهنجي امت کي تزڪيي، اصلاح، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ بابت ڪيتريون ئي هدايتون ڪيون آهن، اسين انهن مان هتي ڪجهه حديثون ذڪر ڪيون ٿا:
پاڻ سڳورن جو فرمان آهي:
لاتحاسدوا ولاتناجشوا ولا تباغضوا ولاتدابروا ولایبیع بعضکم علیٰ بیع بعض وکونوا عباداللہ اخوانا، المسلم اخوالمسلم لایظلمھ، ولایخذ لھ ولایحقره. التقویٰ ہہنا ویشیر الی صدرھ ثلات مرات. بحسب امری من الشر ان یحقراخاہ المسلم. کل المسلم علی المسلم حرام، دمھ، ومالھ وعرضھ (رواه مسلم)
پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ساڙ نه ڪيو، واپار وڙي ۾ هڪٻئي کي ڌوکو نه ڏيو، هڪ ٻئي سان بغض نه ڪيو، هڪ ٻئي جي گلا نه ڪريو، هڪ ٻئي جي خريد ۽ فروخت تي چڙهت ڪري خريد ۽ فروخت نه ڪريو، الله جا ٻانها پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي وڃو. مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آهي. نه ان تي ظلم ڪندو آهي. ۽ نه ان کي بي يارو مددگار ڇڏيندو آهي ۽ نه ان کي گهٽ نظر سان ڏسندو آهي. تقويٰ هتي آهي (سيني ڏانهن اشارو ڪندي ٽي ڀيرا ائين فرمايائون) ماڻهوءَ جي بري هئڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو هو مسلمان ڀاءُ کي حقير سمجهي. هر مسلمان کي ٻي مسلمان جو خون جان ۽ آبرو حرام آهي.
هڪ حديث ۾ پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
امرنی ربی بتسع: خشیة اللہ فی السر والعلانیة، وکلمۃ العدل فی الرضا والغضب والقصد فی الفقر والغنیٰ وان اصل من قطعنی واعطی من حرمنی واعفوا عمن ظلمنی، وان یکون صمتی فکرًا ونطقی ذکرًا ونظری عبرةً، واٰمربالمعروف (رواه رزين)
منهنجي رب مون کي نون ڳالهين جو حڪم ڏنو آهي، لڪ ۽ ظاهر ۾ الله کان ڊڄان، خوشي ۽ ڪاوڙ ۾ انصاف جي ڳالهه ڪريان، آسودگي ۽ سڃائپ ۾ وچٿرائپ اختيار ڪيان، جنهن مون سان ٽوڙيو آهي آءٌ ان سان ڳنڍيان، جنهن مون کي محروم رکيو آهي آءٌ ان تي بخشش ڪيان، جنهن ظلم ڪيو آهي ان کي درگذر ڪيان ۽ منهنجي خاموشي غور ۽ فڪر هجي، منهنجو ڳالهائڻ ذڪر هجي، منهنجي نظر نگاهه عبرت هجي ۽ آءٌ نيڪيءَ جو حڪم ڪيان.
فتح مڪي جي موقعي تي پاڻ سڳورن خطبو ڏيندي فرمايو: اي انسانو! الله تعاليٰ جاهليت واري وڏائي ۽ تڪبر ۽ ابن ڏاڏن تي فخر ڪرڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي: اي انسانو! بيشڪ اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان ۾ ذاتيون ۽ پاڙا ڪيا سون ته هڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوهان مان عزت وارو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان پرهيزگار آهي.
(رواه ترمذي 2/159)