مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

قرآن مجيد جو سڀ کان وڏو معجزو اسلام آهي

قرآن مجيد دنيا ۾ مذهب ۽ عقيدن جو آخري هدايت نامو پيش ڪيو آهي جنهن کان وڌيڪ محڪم ۽ مفصل مذهبي هدايت نامو هينئر تائين اچي ناهين سگهيو. ان کان پهريان مذهب به چونڪ مخصوص وقت ۽ حالتن جي لاءِ هئا تنهن ڪري اهي به ان جي مقابلي ۾ ناقص ۽ گهٽ آهن. هينئر آخري آسماني صحيفو دنيا تي اچي چڪو آهي تنهن ڪري اهو آخري هدايت نامو آهي. ان کان وڌيڪ انسان کي پنهنجي خالق سان ملائيندڙ ۽ ان جي زندگي ۾ للهيت ۽ روحانيت پيدا ڪندڙ ۽ سمورين گمراهين کان پري رکندڙ ڪوبه هدايت نامو انساني تصور ۾ اچي نٿو سگهي.
الله تبارڪ وتعاليٰ انسانن کي ڪامياب زندگي گذارڻ جي لاءِ آسماني اخلاقي ۽ مدني دستور عطا ڪيو، جيڪو دنيا ۾ بهترين اخلاقي ۽ اجتماعي فلاح ۽ بهبود جا نتجا پيدا ڪرڻ جو ذميوار آهي ۽ ان سهڻا نتيجا پيدا ڪري ڏيکاريا آهن، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن ٻي طريقي سان پيدا ٿي نه سگهيا آهن. قرآن مجيد انسانن جا اجتماعي مسئلا ۽ مشڪلاتون پنهنجي معجزانه اسلوب بيان ۾ ٿورڙي اشاري سان ئي حل ڪري ڇڏي ٿو. اهو اهڙا اصول ۽ ڪليا قانون عطا ڪري ٿو جن جي بنياد تي هر دؤر ۾ دنيا جو بهترين معاشرو قائم ڪري سگهجي ٿو ۽ هر جڳهه ته انساني سوسائٽيءَ کي منظم ۽ متحرڪ ڪري سگهي ٿو، اهو چونڪ خدائي ڪلام آهي تنهن ڪري سمورين انساني غلطين، قانون سازيءَ جي نقصن ۽ قياسن کان پاڪ آهي. اهو چونڪ آخري آهي تنهن ڪري هر قسم جي تڪميل ۽ اضافي کان بي پرواهه آهي، اهو چونڪ عالمگير آهي ان ڪري قومي ۽ مقامي خصوصيتن کان صاف آهي اهو چونڪ دائمي آهي تنهن ڪري هر قسم جي تغير ۽ نسخ کان آزاد آهي. اهو چونڪ ڪامل آهي تنهن ڪري ان کي ڪنهن ضميمي جي الحاق جي ضرورت نه آهي.
اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیۡنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَیۡكُمْ نِعْمَتِیۡ وَرَضِیۡتُ لَكُمُ الۡاِسْلَامَ دِیۡنًا ؕ(المائده: 3)
اڄ اوهان جو دين اوهان لاءِ ڪامل ڪيو اٿم ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي اٿم ۽ اوهان لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيو اٿم.
ان جي نفاذ جي صورت ۾ اهي مسئلا ۽ بحث پيش ئي نٿا اچي سگهن. جن هزارين سالن کان مفڪرن ۽ علم الاجتماع جي ماهرن کي مشغول رکيو آهي ۽ جن جو آخري حل هينئر تائين پيش ٿي نه سگهيو آهي ۽ ڪيترائي معاشي ۽ سياسي مسئلا آهن جيڪي قرآن تي عمل جي صورت ۾ پيدا ئي ٿي نٿا سگهن. هزارين سالن جي غلطين ۽ تجربن کان پوءِ دنيا جا مفڪر جنهن نتيجي تي پهتا قرآن مجيد چوڏهن سؤ سالن پهريان اهي مسئلا هڪ امي جي زبان مان پهريان ئي بيان ڪري ڇڏيا. اهو هدايت نامو ۽ اهو دستور جنهن جو نالو اسلام آهي. الله تعاليٰ جي ڪاريگري ۽ حڪمت جو اعليٰ نمونو آهي.
صُنْعَ اللہِ الَّذِیۡۤ اَتْقَنَ كُلَّ شَیۡءٍ ؕ (النمل: 88)
(اها) ان الله جي جوڙ آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي درست بنايو آهي.
۽ ان اسلام جا اصول ۽ ڪليا قانون ان قرآن مان ورتل آهن ۽ قرآن ئي انهن کي دنيا جي سامهون پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري اهو ان جو پيش ڪيل هڪ معجزو آهي.
ہُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ۙ﴿۲﴾ (الجمعة :2)
هو اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.
قرآن جي ان معجزي جي تشريح ۽ ان جي اعجاز کي بيان ڪرڻ درحقيقت اسلام جي تشريح آهي ۽ ان جا مختلف پهلو آهن، هر پهلوءَ تي روشني وجهڻ جي لاءِ دفتر درڪار آهن.
عقيدن جي باب ۾ عقيدن جو معجزانه اسلوب بيان ۽ اخلاق ۽ معاشرت ۾ قرآن مجيد جي معجزانه جامعيت ۽ حڪمت تي خاص طور تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن نڪتن ۽ رازن جو احاطو ڪرڻ ڪنهن انسان جي وس ۾ نه آهي.
وَلَوْ اَنَّ مَا فِی الْاَرْضِ مِنۡ شَجَرَۃٍ اَقْلَامٌ وَّ الْبَحْرُ یَمُدُّہٗ مِنۡۢ بَعْدِہٖ سَبْعَۃُ اَبْحُرٍ مَّا نَفِدَتْ
کَلِمٰتُ اللہِ ؕ اِنَّ اللہَ عَزِیۡزٌ حَکِیۡمٌ ﴿۲۷﴾ (لقمان :27)
۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون ته الله جون ڳالهيون (لکڻ ۾) نه کٽنديون، بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
قُلۡ لَّوْ کَانَ الْبَحْرُ مِدَادًا لِّکَلِمٰتِ رَبِّیۡ لَنَفِدَ الْبَحْرُ قَبْلَ اَنۡ تَنۡفَدَ کَلِمٰتُ رَبِّیۡ
وَلَوْ جِئْنَا بِمِثْلِہٖ مَدَدًا ﴿۱۰۹﴾ (الڪهف : 109)
(کين) چؤ ته جيڪڏهن منهنجي پاليندڙ جي ڳالهين (لکڻ) لاءِ دريا مس ٿئي ته منهنجي پاليندڙ جي ڳالهين پوري ٿيڻ کان اڳ درياءَ کپي ويندو جيتوڻيڪ (ٻيو دريا) ان جهڙو ان ۾ وهائي آڻيون.