مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

قرآن پڙهڻ جو مقصد:

قرآن پڙهڻ جو مقصد ان تي عمل ڪرڻ آهي ، ان جي هر حڪم کي هانَو سان هنڊائڻ ۽ ان مطابق پنهنجي زندگي گذارڻ. تنهن ڪري صحابه ڪرام جي دور ۾ عالم ان ماڻهوءَ کي چيو ويندو هو، جيڪو قرآن پڙهي ان تي عمل ڪري، باقي جيڪو قرآن پڙهي ٿو ۽ ان تي عمل نٿو ڪري اهو منافق آهي. جو منافق به قرآن پڙهندا هئا پر ان تي عمل نه ڪندا هئا، جيڪو قرآن کي عمل جي نيت سان پڙهندو ته ان ماڻهوءَ لاءِ صالح عمل ۽ انسان دوستيءَ جي جذبن جو عربي سمنڊ اٿلي پوندو ۽ هو رب جي معرفت پسي وٺندو. جنهن سان ان جي زندگيءَ ۾ نئون انقلاب اچي ويندو ۽ هو ڌرتيءَ تي رب جو آئيڊيل انسان بڻجي ويندو، صحابه ڪرام جيڪي پاڻ سڳورن جا سنوان سڌا شاگرد هئا انهن جو قرآن پڙهڻ جو طريقو ڪهڙو هو؟ اسين ان بابت مفسر قرآن حضرت عبدالله بن مسعود  جا ڪجهه قول نقل ڪيون ٿا:
حضرت عبد الله بن مسعود  جو فرمان آهي ته، ”قرآن ٺاهي ٺاهي پڙهڻ، جنهن ۾ توڻيجو جو قرآن ٿوروئي پڙهجي تڪڙي گهڻي پڙهڻ کان بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته پڙهڻ مان مقصد سمجهڻ ۽ سوچڻ آهي ته جيئن ان تي عمل ٿي سگهي، قرآن پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ معنائن تائين رسائيءَ جو ذريعو آهي. ان ڪري ته ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته قرآن نازل ئي عمل ڪرڻ جي لاءِ ٿيو آهي. پر ڪن ماڻهن ڇڙو تلاوت کي مستقل عمل بڻائي ڇڏيو آهي. اڳين زماني ۾ اهل قرآن اهڙن ماڻهن کي سمجهيو ويندو هو جيڪي قرآن جا ڄاڻو ۽ ان تي عمل ڪندڙ هئا، توڙي جو انهن کي زباني طور تي قرآن ياد نه هوندو هو، پر جنهن شخص قرآن ياد ڪيو ۽ نه ان جو مطلب سمجهيو ۽ نه ان تي عمل ڪيو ته ان کي اهل قرآن چئي نٿو سگهجي، قرآن جي اهڙي تلاوت جيڪا سوچ ويچار کان خالي هجي هر هڪ ڪري سگهي ٿو. پوءِ اهو مئومن هجي يا منافق هجي يا فاسق فاجر هجي، تنهن ڪري ته پاڻ سڳورن فرمايو آهي، ”منافق جو قرآن پڙهڻ ان عطر وانگر آهي جنهن جي خوشبوءِ ته سٺي آهي پر ذائقو ڪڙو اٿس.“
هڪ ڀيري ڪنهن شخص حضرت عبدالله بن مسعود  کي چيو: ته آءٌ هڪ ئي رڪعت ۾ (ٻه ٽي) سورتون پڙهي ويندو آهيان، تنهن تي کيس دڙڪو ڏيندي فرمايائون: تون قرآن کي شعر وانگر ڏڏرين ٿو، ڪي ماڻهو قرآن ته پڙهندا آهن،پر قرآن سندن نڙين کان هيٺ نه لهندو آهي، قرآن فائدو تڏهن ڏيندو جڏهن دل ۾گهري وڃي ۽ رڳ رڳ م داخل ٿي وڃي.“ (الا تقان في علوم القرآن، 1/23)
حضرت عبدالله بن مسعود  جو فرمان آهي. ”جڏهن اسان مان ڪو ماڻهو ڏهه آيتون سکندو هو ته تيستائين اڳتي نه وڌندو هو، جيستائين انهن جي معنيٰ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ نه سکي،“ حضرت ابو عبدالرحمٰن سلمي جو چوڻ آهي ته: اسان کي پنهنجن استادن (صحابه ڪرام) ٻڌايو، ته پاڻ سڳورا کين ڏهه آيتون پڙهائيندا هئا، تيستائين اڳتي نه وڌندا هئا جيستائين انهن تي عمل ڪن، تنهن ڪري اسان قرآن ۽ عمل ٻئي گڏ سکيا هئاسين. (قرآن ڪيئن پڙهجي ص 5-6)

تعليم القرآن جو اصل طريقو:
قرآن مجيد الله تبارڪ و تعاليٰ جو آخري الهامي ڪتاب آهي. جيڪو سنهنجو صاف سٿرو، عام فهم ۽ آسان آهي، ان کي هر هڪ آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو، پر افسوس آهي جو انسان ذات کي قرآن کان پري رکڻ جي لاءِ ايڏو مشڪل ۽ اهنجو بڻايو ويو آهي جو عام ماڻهو ته قرآن کي هٿ لائڻ جو سوچي به نٿو سگهي. چيو وڃي ٿو ته قرآن کي سمجهڻ جي لاءِ جيستائين اوهين ٻه درزن مددي فن جا ڪتاب نه سکندو جيستائين پنهنجي پوري زندگي قرآن سکڻ جي لاءِ وقف نه ڪندئو تيستائين اوهان کي قرآن سمجهه ۾ نه ايندو، اُن ڪري گهڻو زور فنن جي سکڻ تي ئي ڏنو ويندو آهي. ان بابت امام انقلاب مولانا عبيدالله  سنڌي لکن ٿا:
”قوم جو هڪ حصو ته قرآن پڙهي ڪو نه ٿو، اهو ان تعليم کان پري آهي تنهن ڪري اهڙن ماڻهن بابت بحث ئي بيڪار آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ٻيو طبقو، جيڪو پاڻ کي ان ڏانهن متوجهه سمجهي ٿو اهو به قرآن مان صحيح طريقي سان فائدو نه وٺڻ جي ڪري ان جي صحيح مطلبن جي سمجهڻ کان پري ٿي چڪو آهي ۽ ويتر پري ٿيندو پيو وڃي، ان طبقي مان به هڪڙا ته قرآن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن، بلڪه لفظن جي دهرائڻ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهن ٿا. ان طبقي جو ٻيو حصو توڙين جو قرآن سمجهڻ ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو، پر افسوس آهي جو اهو به ان جي مقدمن ۾ ئي الجهي رهجي ويو آهي. ۽ قرآن مجيد تي غور فڪر ڪرڻ ڏانهن نه ڌيان ڏئي ٿو ۽ نه ان کي ان جو وقت ملي ٿو، امام شاهه ولي الله جيڪو هندستان جي عالمن جو امام آهي پنهنجي ڪتاب ”تفھيمات الاهيه“ ۾ ان طبقي ڏانهن اشارو ڪندي لکي ٿو:
”آءٌ طالب العلمن کي چوان ٿو پنهنجو پاڻ کي عالم ٿا سڏايو، اوهان يونانين جي علم (منطق) ۾ مشغول ٿي ويا آهيو، ۽ صرف ۽ نحو ۾ ڦاسي ويا آهيو ۽ اوهان جو خيال آهي ته اصل علم اهو ئي آهي.“
۽ هڪ ٻي هنڌ لکن ٿا ته: ”قرآن مجيد سمجهڻ جي لاءِ جن مقدمن جي ضرورت آهي سي اهي بقدر ضرورت سکيا وڃن. انهن کي مستقل درجو نه ڏنو وڃي، علوم آليه کي صرف آله هئڻ جي حيثيت ڏني وڃي، ان کي مقصود بالذات نه بڻائجي. اهو طبقو صرف، نحو، منطق ڪلام، معاني ۽ بديع وغيره ۾ تقريبا سڄو وقت صرف ڪري ڇڏي ٿو، تنهن ڪري انهن کي اصل قرآن ڏانهن توجهه ڪرڻ جو وقت ئي نٿو ملي ۽ جيڪو ٿورڙو وقت قرآن مجيد کي ڏنو وڃي ٿو، اهو به مفسرن جا مختلف خيال معلوم ڪرڻ ۾ خرچ ڪيو وڃي ٿو. اهو طريقو عربي مدرسن ۾ عام جام اختيار ڪيو وڃي ٿو. انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته خالص قرآن مجيد جي تعليم ڪٿي به نٿي ڏني وڃي، جيڪي ماڻهو چون ٿا ته قرآن مجيد جي تعليم ٿئي ٿي، حقيقت ۾ اها قرآن مجيد جي تعليم نه هوندي آهي، بلڪه تفسير قرآن جي تعليم هوندي آهي، دراصل قرآن جي تعليم ۽ قرآن جو تفسير ٻئي جدا جدا علم آهن، هڪ شيءِ نه آهن،“ قرآن هڪ مستقل ڪتاب آهي ۽ صاف سليس عربيءَ ۾ آهي. ان بابت خود الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
فَاِنَّمَا یَسَّرْنٰہُ بِلِسَانِکَ لَعَلَّہُمْ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۵۸﴾ (الدخان:58)
”سو (اي پيغمبر!) ان (قرآن) کي اسان تنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي آسان ڪيو آهي ته من اهي ڌيان ڪن“ (قرآن ڪيئن پڙهجي تان ورتل)
ساڳي ئي ڪتاب ۾ مولانا سنڌي لکن ٿا: ”جيڪي ماڻهو عربي ڄاڻن ٿا اهي ڪجهه سمجهي سگهن ٿا، ان سان گڏ جيڪڏهن پاڻ سڳورن جو نمونو آڏو رکيو وڃي جنهن جو حڪم خود قرآن ۾ به آهي ۽ اهو حديثن ۾ محفوظ به آهي ته ان کي ڪنهن ٻي شئي جي ضرورت نه آهي بلڪه صحيح طور تي قرآن مجيد سمجهي سگهن ٿا. ۽ ان جي مطابق عمل ڪري سگهن ٿا: ۽ جيڪي ماڻهو عربي نٿا ڄاڻن انهن جي لاءِ معياري ترجما موجود آهن. اهي انهن جي ذريعي سمجهي سگهن ٿا: پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو ماڻهن جو خيال آهي ته اسان قرآن سمجهي نٿا سگهون. ان جي سمجهڻ جي لاءِ ڪيترن ئي علمن ۽ فنن جي سکڻ جي ضرورت آهي، ۽ وڏو عالم هئڻ ضروري آهي، چنانچه شاهه اسماعيل شهيد ”تقويت الايمان“ ص:30 تي ان ڏانهن اشارو ڪيو آهي.
هن دور ۾ ماڻهن دين جي حوالي سان ڪيترائي رستا اختيار ڪيا آهن، ڪي اڳين جي رسمن تي هلن ٿا، ڪي بزرگن جي قصن تي هلن ٿا ۽ ڪي مولوين جي ڳالهين تي هلن ٿا، جيڪي انهن پنهنجي ذهن سان ٺاهيون آهن،اهي ان کي ئي سند بڻائين ٿا ۽ عام ماڻهن ۾ مشهور آهي ته الله ۽ رسول جو پيغام سمجهڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ان لاءِ وڏو علم ۽ ڄاڻ گهرجي، اسان ۾ اها سمجهه ڪٿي آهي جو الله جو ڪلام سمجهون، ۽ ان واٽ تي هلڻ وڏن وڏن بزرگن جو ڪم آهي، اسان کي ڪهڙي طاقت آهي جو ان مطابق هلون. اهو خيال انتهائي غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ پاڻ فرمايو آهي ته قرآن انتهائي سليس، صاف ۽ صريح آهي، ان جو سمجهڻ ڏکيو نه آهي ۽ الله ۽ سندس رسول جو پيغام سمجهڻ جي لاءِ ڪنهن وڏي علم جي ضرورت نه آهي. ڇو ته پيغمبر آيو ئي جاهلن ۽ گهٽ سمجهه رکندڙن کي سمجهائڻ هو، ۽ بي علمن کي علم سيکارڻ آيو هو، جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
هُوَ الَّذِیۡ بَعَثَ فِی الْاُمِّیّٖنَ رَسُوۡلًا مِّنْہُمْ یَتْلُوۡا عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِہٖ وَ یُزَکِّیۡہِمْ وَ یُعَلِّمُہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْحِكْمَۃَ ٭ وَ اِنۡ کَانُوۡا مِنۡ قَبْلُ لَفِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ۙ﴿۲﴾ (الجمعھ:2)
”هو اهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.“
جيڪو هن آيت جي ٻڌڻ کان پوءِ به چئي ته پيغمبر جي ڳالهه عالمن کان سواءِ ڪو به سمجهي نٿو سگهي ۽ ان جي واٽ تي بزرگن کان سواءِ ڪو ئي هلي نٿو سگهي ته ان ماڻهوءَ ڄڻ ان آيت جو انڪار ڪيو.
ان جو مثال هن ريت آهي جو ڪو ماڻهو بيمار کي چوي ته فلاڻي حڪيم ڏانهن وڃ ۽ ان کان علاج ڪراءِ، بيمار چوي ته اهو ته تندرستن جو ڪم آهي، مون کان اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، آءٌ ته سخت بيمار آهيان. اهو بيمار بيوقوف آهي ۽ ان حڪيم جي حڪمت جو انڪار ڪري رهيو آهي، ڇو ته حڪيم ته بيمارن جي علاج لاءِ ئي هوندو آهي ۽ جيڪو تندرستن جو علاج ڪري ۽ بيمارن جو علاج نه ڪري ته اهو ڪهڙو حڪيم چئبو؟
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جو خيال آهي ته قرآن ته اسان سمجهي نٿا سگهون، باقي مختلف بزرگن جيڪي پنهنجن خيالن تي قرآن مجيد جا شرح (تفسير) لکيا آهن، اسين اهي سمجهي سگهون ٿا ۽ انهن شرحن جي سمجهڻ جي ڪوشش کي ماڻهن قرآن جي تعليم سمجهي رکيو آهي. جيڪڏهن اهي شرح ۽ تفسير قرآن مجيد سمجهڻ جو حق ادا ڪن ها ته پوءِ به ان ۾ ڪو نقصان نه هو، پر وڏو افسوس ته هي آهي جو مختلف ماڻهن مختلف زمانن ۾ ماحول جي مختلف اثرن کان متاثر ٿي طرحين طرحين جون اهڙيون ڳالهيون پنهنجن شرحن ۾ لکي ڇڏيون آهن جن جو قرآن سان ڪو به واسطو نه آهي، ماڻهو اهڙين ڳالهين کي قرآن جي تعليم سمجهڻ لڳا آهن، حقيقت ۾ انهن جو قرآن جي تعليم سان ڪو به واسطو نه آهي .