مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

خليفة الله في الارض:

الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي عقل، سمجهه، بصيرت ۽ علم عطا ڪري دنيا ۾ پنهنجي نيابت ۽ خلافت جو فريضو سرانجام ڏيڻ جي لاءِ موڪليو آهي. ته جيئن انسان پنھنجي شخصيت جي ارتقا ڪري پاڻ کي دائمي نعمتن واري جنت جو حقدار ثابت ڪري. ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو هن دنيا ۾ عدل ۽ انصاف، شڪر ۽ احسان تي مشتمل الله تبارڪ و تعاليٰ کي گهربل معاشرو قائم ڪري سگهي ته جيئن الله جي ٻانھن جو وڏو تعداد سک ۽ سلامتي جي اهڙي قائم ڪيل ماحول ۾ پنهنجي مالڪ جي رضا حاصل ڪري. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ٻاجهه تي مشتمل سهڻو معاشرو قائم ڪري، الله تبارڪ و تعاليٰ جي منشا ۽ گهر کي پورو ڪري ته جيئن هي دنيا ”حسنة“ بڻجي جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳي. تان ته ان کي الله جي رضا خاطر جنت نظير بڻائڻ جي ڪوشش عيوض انسان آخرت ۾ پنهنجي دائمي جنت جو حقدار بڻجي.
انسان دنيا ۾ اصل ۽ مالڪ نه آهي بلڪه نائب ۽ خليفو آهي ۽ خليفي جي ذميواري آهي ته هو آقا جي هر حڪم تي لبيڪ چوي. ۽ آقا جي هر حڪم کي حرف آخر سمجهي ان حڪم جي اها گهر پوري ڪري جيڪا آقا کي مقصود ۽ مطلوب هجي. هڪ خليفي جو پنهنجي آقا ۽ مالڪ سان هر وقت پيار ۽ تعلق هوندو آهي. هو پنهنجي آقا جو تابعدار، فرمانبردار، شڪر گذار ۽ مطيع هوندو آهي. هو هر عطا کي پنهنجي مالڪ جي عطا سمجهندو آهي. ۽ پنهنجو پاڻ ان ذات کي ارپي ڇڏيندو آهي.
جيڪي ماڻهو سھولت ۽ فائدي جي ڳالھين ۾ الله تعالى جي اطاعت اختيار ڪن پرجڏهن پنھنجي ذات ۽ مفادن جي خلاف الله جا احڪام آڏو اچي وڃن ته پوءِ هيلا بهانا ۽ تاويلون ڳولي پنهنجي نفس جي هوس پوري ڪن، اهي نيابت ۽ خلافت جا حقدار ٿي نٿا سگهن، خلافت جا حقدار اهي آهن، جيڪي خدائي منشائن کي دل ۽ جان سان پورو ڪن.