ترتيل:
وَ رَتِّلِ الْقُرْاٰنَ تَرْتِیۡلًا ؕ﴿۴﴾ (المزمل:4)
”۽ قرآن کي ٺاهي ٺاهي صاف پڙهه“
ٺاهي ٺاهي پڙهڻ جو مطلب آهي ته قرآن مجيد کي اهڙي طرح پڙهڻ، جو انسان ان جو مطلب سمجهي سگهي ۽ ان تي غور ۽ فڪر ۽ تدبر ڪري سگهي، پاڻ ڪريم ﷺ جن پڻ قرآن مجيد جي تلاوت ائين ڪندا هئا، قرآن مجيد تي غور ۽ فڪر جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي آيت کي ڪيترائي دفعا دهرائيندا هئا، روايتن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ موقعي تي پوري رات تهجد جي نماز ۾ هيءَ هڪ ئي آيت دهرائيندا رهيا.
اِنۡ تُعَذِّبْہُمْ فَاِنَّہُمْ عِبَادُکَ ۚ وَ اِنۡ تَغْفِرْ لَہُمْ فَاِنَّکَ اَنۡتَ الْعَزِیۡزُ الْحَکِیۡمُ ﴿۱۱۸﴾ (المائده: 118)
”جيڪڏهن تون کين عذاب ڪندين ته اهي تنهنجا ٻانها آهن ۽ جيڪڏهن تون انهن کي معاف ڪندين ته تون ئي زبردست حڪمت وارو آهين.“
حضرت امان عائشه فرمائي ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن قرآن مجيد ائين ٺاهي ٺاهي پڙهندا هئا جو کين هڪ ننڍي سورة جي پڙهڻ ۾ ڊگهي کان ڊگهي سورة پڙهڻ کان به وڌيڪ دير لڳي ويندي هئي.
قرآن مجيد پاڻ ڪريم ﷺ جن جي مٿان مڪي ۽ مديني ۾ ٽيويهن سالن جي عرصي ۾ نازل ٿيو آهي. قادر ۽ عليم خدا قرآن مجيد هڪ ئي وقت نازل ڪري پيو سگهي، پر آهستي آهستي ان جي ڪري نازل ڪيو ويو ته جيئن انسان آهستي آهستي پنهنجين ريتن، رسمن، رواجن ۽ ڪڌن ڪرتوتن کي ڇڏي انهي احڪامن ڏانهن وڌندو اچي، ته جيئن آهستي آهستي مڪمل طور تي خدائي احڪامن جو پابند ٿي وڃي، ۽ خدائي احڪامن جون حڪمتون سمجھي وٺي، قرآن جو اعلان آهي:
وَقُرْاٰنًا فَرَقْنٰہُ لِتَقْرَاَہٗ عَلَی النَّاسِ عَلٰی مُكْثٍ وَّ نَزَّلْنٰہُ تَنۡزِیۡلًا ﴿۱۰۶﴾ (بني اسرائيل:106)
”۽ اسان (هن) قرآن کي جدا جدا ٽڪرن(سورتن) ۾ ورهايو آهي ته جيئن اهو ماڻهن کي تون آهستي آهستي پڙهي ٻڌائين ۽ اسان ان کي ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي.
ڪافر، پاڻ ڪريم ﷺ جن تي اعتراض ڪندا هئا ته جڏهن قرآن مجيد آسماني ڪتاب آهي ته پوءِ اهو هڪ ئي ڀيري ڇو نه لٿو، جيئن ٻيا آسماني ڪتاب هڪ منو لٿا هئا، الله تبارڪ و تعاليٰ ڪافرن جي ان اعتراض کي رد ڪندي، قرآن مجيد کي آهستي آهستي لاهڻ جي حڪمت هن ريت ٻڌائي.
وَ قَالَ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا لَوْلَا نُزِّلَ عَلَیۡہِ الْقُرۡاٰنُ جُمْلَۃً وَّاحِدَۃً ۚۛ کَذٰلِکَ لِنُثَبِّتَ بِہٖ فُؤَادَکَ وَرَتَّلْنٰہُ تَرْتِیۡلًا ﴿۳۲﴾ وَلَا یَاۡتُوۡنَکَ بِمَثَلٍ اِلَّا جِئْنٰکَ بِالْحَقِّ وَ اَحْسَنَ تَفْسِیۡرًا ﴿ؕ۳۳﴾ (الفرقان:32-33)
”۽ ڪافرن چيو ته سڄو قرآن هڪ ڀيري ان تي ڇو نه نازل ڪيو ويو (اي پيغمبر *) اهڙي طرح (ٿورو ٿورو لاٿو سون) ته ان سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪيون ۽ اسان ان کي جهلي جهلي ٻڌايو آهي. ۽ ڪافر ڪهڙو به مثال (يعني اعتراض) تنهنجي سامهون پيش ڪن پر اسين پورو ۽ تفصيل ۾ وڌيڪ سٺو (جواب) توکي عنايت ڪريون ٿا.