داعيءَ جون وصفون:
”انکم لن تسعوهم باموالکم ولکن تسعوهم باخلاقکم“
توهان دنيا جي قومن تي مال ۽ دولت سان نه بلڪه اخلاق سان غالب اچي سگهو ٿا.
ماڻهو ايترا بي شعور ۽ بي سمجهه نه آهن جو ائين هروڀرو بنا ڪنهن مقصد ۽ پروگرام جي ڪنهن جي ڪڍ هلي پون، تنهن ڪري داعيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته هو ماڻهن جي مسئلن ۽ نفسيات کان واقف ۽ آگاهه هجي، پوري معاشري تي ان جي عقابي نظر هجي، سماجي برائين ۽ سماج دشمن عناصرن تي ان جي ڪرڙي نظر هجي، ماڻهن جو ان جي ذات تي پورو اعتماد ۽ يقين هجي، ڇو ته جيڪو ماڻهو پاڻ کي معاشري جو عام فرد نٿو سمجهي بلڪه پاڻ کي معاشري کان برتر يا الڳ سمجهي ٿو اهو ماڻهن تائين خدائي پيغام پهچائڻ جو اهل ٿي نٿو سگهي، الله انسانن ڏانهن هدايت جي لاءِ ملائڪ به موڪلي سگهي پيو، الله تبارڪ و تعاليٰ انسانن ڏانهن انسان رسول بڻائي موڪليا، ته جيئن اهي انسانن جي نفسيات ۽ مسئلن کي سمجهن، ۽ ان مطابق انهن جي رهنمائي ڪن، ڪافرن جي وڏن اعتراضن مان هڪ اعتراض هي به هو ته رسول انسانن مان الڳ ٿلڳ هئڻ گهرجي ۽ ان جي رهڻي ڪهڻي عام انسانن کان الڳ هجي ۽ ان ۾ عام انسانن کان امتياز هجي، تنهن ڪري اهي چوندا هئا.
وَقَالُوۡا مَالِ هٰذَا الرَّسُوۡلِ یَاۡكُلُ الطَّعَامَ وَ یَمْشِیۡ فِی الْاَسْوَاقِ ؕ (الفرقان:7)
۽ چيائون ته هن رسول کي ڇا ٿيو آهي جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ هلي ٿو.
قرآن انهن کي جواب ڏنو،
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا قَبْلَکَ مِنَ الْمُرْسَلِیۡنَ اِلَّا اِنَّہُمْ لَیَاۡكُلُوۡنَ الطَّعَامَ وَ یَمْشُوۡنَ فِی الْاَسْوَاقِ ؕ (الفرقان:20)
۽ (اي رسول) توکان اڳ جيترا به رسول موڪلياسون سي (تو وانگر) کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ هلندا هئا.
ڪافرن جو هدايت کان منهن موڙڻ جي لاءِ هڪ اعتراض هي به هو ته اسان جهڙو انسان اسان تائين خدا جو پيغام ڪيئن ٿو پهچائي سگهي! تنهن ڪري رسول ملائڪن مان هئڻ گهرجي، الله تبارڪ و تعاليٰ انهن جي ان اعتراض کي رد ڪري ڇڏيو، قرآن فرمائي ٿو،
وَمَا مَنَعَ النَّاسَ اَنۡ یُّؤْمِنُوۡۤا اِذْ جَآءَهُمُ الْہُدٰۤی اِلَّاۤ اَنۡ قَالُوۡۤا اَبَعَثَ اللہُ بَشَرًا رَّسُوۡلًا ﴿۹۴﴾ قُلۡ لَّوْ کَانَ فِی الۡاَرْضِ مَلٰٓئِکَۃٌ یَّمْشُوۡنَ مُطْمَئِنِّیۡنَ لَنَزَّلْنَا عَلَیۡہِمۡ مِّنَ السَّمَآءِ مَلَكًا رَّسُوۡلًا ﴿۹۵﴾ (بني اسرائيل: 94-95)
۽ جڏهن ماڻهن وٽ هدايت آئي، تڏهن انهن کي ايمان آڻن کان رڳو هن ڳالهه روڪيو جو چيائون ته ڇا الله پيغام پهچائيندڙ هڪ انسان موڪليو آهي؟ چئو ته جيڪڏهن زمين ۾ ملائڪ هجن ها. جي (ان تي) رهندڙ ٿي گهمن ڦرن ها ته اسين مٿن آسمان مان پيغام پهچائيندڙ هڪ ملائڪه موڪليون ها.
هڪ انسان ئي عام انسانن جي مسئلن کي سمجهي سگهي ٿو، تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ عام انسانن مان ئي پنهنجا رسول ۽ پيغمبر موڪليندو آهي. ته جيئن اهي انساني سوسائٽي کي سمجهي ان مطابق انسانيت جي رهنمائي ڪن. تنهن ڪري داعي لاءِ ضروري آهي ته هو انسانن جي مسئلن کان آگاهه هجي ۽ هو انهن جي لاءِ آئيڊيل شخصيت هجي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سيرت تي نظر وجهو، ڄمڻ کان پهريان ئي ابو وفات ڪري وڃي ٿو، ولادت جي ڪجهه سالن کان پوءِ سندن امڙ به وڇڙي وڃي ٿي، پنهنجن کان پري ٻهراڙيءَ جي ”بني سعد“ قبيلي ۾ پرورش ٿئي ٿي، ننڍپڻ ۾ ئي ٻڪريون چارڻيون پون ٿيون، جوانيءَ ۾ بي بي خديجه رضي الله تعاليٰ عنه جي مال تي واپار ڪرڻو پوي ٿو، هو جيتوڻيڪ ڄمندي ڄام هئا، پر پاڻ ماڻهن ۽ معاشري کان الڳ ٿلڳ نٿا رهن، هو عرب جي ثقافتي ميلن ۾ به شريڪ ٿين ٿا ته عرب کان ٻاهر واپار سانگي سفر به ڪن ٿا، هو هر جڳهه تي پنهنجي سچائي صفائي ۽ ايمانداري ثابت ڪن ٿا ۽ امين جي لقب سان نوازيا وڃن ٿا. ان کان پوءِ جڏهن چاليهن سالن جي عمر ۾ انسانيت ڏانهن خدائي پيغام کڻي اچن ٿا ته سڀ کان پهريان ماڻهن جي آڏو پنهنجو پاڻ پيش ڪن ٿا، ۽ نبوت جي صداقت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وڏو دليل قرار ڏين ٿا، قرآن فرمائي ٿو:
قُلۡ لَّوْ شَآءَ اللہُ مَا تَلَوْتُہٗ عَلَیۡكُمْ وَلَاۤ اَدْرٰىكُمۡ بِہٖ۫ۖ فَقَدْ لَبِثْتُ فِیۡكُمْ عُمُرًا مِّنۡ قَبْلِہٖؕ اَفَلَا تَعْقِلُوۡنَ ﴿۱۶﴾ (يونس:16)
(اي پيغمبر ﷺ) چئو ته جيڪڏهن الله گهري ها ته نه آءٌ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽نه الله اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها، پوءِ بيشڪ آءٌ اوهان وٽ ان کان اڳ عمر (جو وڏو حصو) رهيو آهيان. ڇا پوءِ (اڃا به) عقل کان ڪم نٿا وٺو؟
ماڻهو سوچن ٿا ته جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن انسان تي ڪوڙ نٿا هڻي سگهن، ڪنهن انسان سان دوکو ۽ فراڊ نٿا ڪري سگهن، ته پوءِ هو الله تبارڪ و تعاليٰ تي ايڏو ڪوڙ ۽ بهتان ڪيئن هڻندو؟ اهو سوچي سليم الفطرت انسان الله تبارڪ و تعاليٰ جو پيغام مڃي وٺن ٿا ۽ محمد ﷺ جا پرستار بڻجي وڃن ٿا.
هڪ داعيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي پيغام سان ايترو سچو ۽ مخلص هجي جو دعوت ئي ان جي لاءِ سڀ ڪجهه هجي. هو انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ مضطرب ۽ پريشان هجي. هن جي اندر ۾ هوراکوري ۽ دعوت جي اڻ تڻ هجي. هو سماج جي سڌاري جي لاءِ سرگردان هجي. قرآن پاڻ سڳورن بابت فرمائي ٿو:
وَ وَجَدَکَ ضَآلًّا فَہَدٰی ۪﴿۷﴾ (الضحى: 7)
اسين توکي (هدايت جي طلب ۽ جستجو ۾) سرگردان ڏٺوسون پوءِ هدايت ڪئي سون.
پاڻ ڪريم ﷺ جن انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ هر وقت پريشان ۽ سرگردان رهندا هئا. الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن ڪريم جي صورت ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي اهڙو دستور عطا ڪيو، جيڪو قيامت تائين انسانيت کي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جون واٽون ڏيکاريندو رهندو ۽ انسانيت کي اجاريندو رهندو، ۽ انهن ۾ ايمان ۽ هدايت جون شمعون روشن ڪندو رهندو، قرآن فرمائي ٿو:
مَا كُنۡتَ تَدْرِیۡ مَا الْکِتٰبُ وَ لَا الْاِیۡمَانُ وَ لٰکِنۡ جَعَلْنٰہُ نُوۡرًا نَّہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ نَّشَآءُ (شوري:52)
(اي پيغمبر!) توکي خبر نه هئي ته قرآن ڇا آهي ۽ ايمان (ڇا آهي)؟ پر اسان ان (قرآن) کي نور بڻايو جنهن سان جنهن کي گهرون هدايت ڏيون ٿا.
پاڻ ڪريم * جن کي انسان ذات جي هدايت جي لاءِ جيڪا تمنا ۽ تڙپ هئي قرآن مجيد ۾ ان جو اظهار هن ريت ڪيو ويو آهي.
فَلَعَلَّکَ بَاخِعٌ نَّفْسَکَ عَلٰۤی اٰثَارِِهمْ اِنۡ لَّمْ یُؤْمِنُوۡا بِہٰذَا الْحَدِیۡثِ اَسَفًا ﴿۶﴾ (الڪهف:6)
پوءِ متان پنهنجي جان کي غم جي ڪري سندن پٺيان هلاڪ ڪرين، جيڪڏهن اهي ان ڳالهه کي نه مڃين.
ان ساڳي حقيقت جو اظهار هڪ ٻي آيت ۾ هن ريت ڪيو ويو آهي.
لَعَلَّکَ بَاخِعٌ نَّفْسَکَ اَلَّا یَكُوۡنُوۡا مُؤْمِنِیۡنَ ﴿۳﴾ (الشعراء:3)
(اي پيغمبر *) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اهي ايمان نٿا آڻين.
داعي جي لاءِ ضروري آهي ته ان جي دل ۾ ماڻهن جي لاءِ بي پناهه پنهنجائپ، دلي محبت ۽ شفقت هجي، انهن سان هر موڙ تي پنهنجائپ ۽ خير خواهيءَ واري هلت هجي، ته جيئن ماڻهو ان کي پنهنجو دلي دوست ۽ خير خواهه سمجهن. پنهنجا طور طريقا ڇڏڻ ۽ نفس جي چنبي مان نڪرڻ ڪو آسان ڪم نه آهي.تنهن ڪري جيستائين مخاطب جي دل مان سمورا شڪ شبها ختم نه ڪبا. ۽ ان کي اهو باور نه ڪرائبو ته قرآن ئي تنهنجي لاءِ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ جو ضامن آهي، تيستائين هو قرآن جو پيغام ڪو نه قبوليندو. تنهنڪري ضروري آهي ته ماڻهن سان نرمي ڪجي ته جيئن هو خدائي پيغام جا پروانا بڻجي خدائي پيغام کي ئي سڀ ڪجهه سمجهن ۽ اهو نرمي ۽ شفقت سان ئي ممڪن آهي. قرآن فرمائي ٿو:
فَبِمَا رَحْمَۃٍ مِّنَ اللہِ لِنۡتَ لَہُمْ ۚ وَلَوْ كُنۡتَ فَظًّا غَلِیۡظَ الْقَلْبِ لَانۡفَضُّوۡا مِنْ حَوْلِکَ ۪ فَاعْفُ عَنْہُمْ وَاسْتَغْفِرْ لَہُمْ وَشَاوِرْھُمْ فِی الۡاَمْرِ ۚ فَاِذَا عَزَمْتَ فَتَوَکَّلْ عَلَی اللہِ ؕ اِنَّ اللہَ یُحِبُّ الْمُتَوَکِّلِیۡنَ ﴿۱۵۹﴾ (آل عمران:150)
سو الله جي مهربانيءَ سان ئي تون انهن جي لاءِ نرم ٿئين. ۽ جيڪڏهن تون سخت مزاج سخت دل هجين ها ته تنهنجي آس پاس کان ٽڙي پکڙي وڃن ها. پوءِ تون انهن کي معاف ڪر ۽ انهن لاءِ معافي گهر ۽ انهن کان ڪم ۾ صلاح وٺ پوءِ جڏهن تون پڪو ارادو ڪرين ته الله تي توڪل ڪر بيشڪ الله توڪل ڪندڙن کي دوست رکي ٿو.
الله تبارڪ و تعاليٰ جڏهن حضرت موسيٰ ۽ هارون کي فرعون جهڙي سرڪش انسان ڏانهن پنهنجو پيغام کڻائي موڪليو ته انهن کي به نرميءَ سان ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو.
اِذْھَبَاۤ اِلٰی فِرْعَوْنَ اِنَّہٗ طَغٰی ﴿ۚۖ۴۳﴾ فَقُوۡلَا لَہٗ قَوْلًا لَّیِّنًا لَّعَلَّہٗ یَتَذَکَّرُ اَوْ یَخْشٰی ﴿۴۴﴾ (طٰھ:23-24)
اوهين ٻئي فرعون ڏي وڃو ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. پوءِ ان سان نرميءَ سان ڳالهايو ته من هو ڌيان ڪري يا ڊڄي.
دعوتي ڪم جا رستا انتهائي مشڪل ۽ نتيجا ڏور رس ۽ ديرپا هوندا آهن، تنهن ڪري داعيءَ کي صبر ۽ استقامت جي دامن ناهي ڇڏڻي، بلڪه رب تي رکي صبر ڪرڻو آهي. ۽ جلد بازي ڪرڻي نه آھي. قرآن فرمائي ٿو:
فَاصْبِرْ کَمَا صَبَرَ اُولُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ وَ لَا تَسْتَعْجِل لَّہُمْ ؕ (الاحقاف:35)
سو (اي پيغمبر) تون صبر ڪر، جيئن وڏي همت وارن رسولن صبر ڪيو ۽ انهن لاءِ تڪڙ نه ڪر.
جيڪڏهن انقلاب دشمن ماڻهو، انقلاب جي آڏو رڪاوٽون وجهڻ گهرن ته انهن سان الجهڻ نه گهرجي. بلڪه پنهنجي منزل تي نظر رکي انهن کي درگذر ڪري ڇڏجي، جيڪڏهن ٿوري گهڻي ڳالهه تي الجهي پوندئو ته دعوتي ڪم رڪجي ويندو ۽ شرارتي پنهنجي شرارت ۾ ڪامياب ٿي ويندا، تنهن ڪري قرآن اهڙن ماڻهن کان درگذر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو:
فَاصْفَحِ الصَّفْحَ الْجَمِیۡلَ ﴿۸۵﴾ (الحجر:86)
پوءِ (انهن جي بي ادبيءَ کان) چڱي نموني درگذر ڪر.
دعوتي ڪم ڪن مفروضن ۽ خيالن پلاون تي مشتمل نه هجي بلڪه ”ڪلمو الناس علي قدر عقولهم“ (ماڻهن سان انهن جي عقلن جي مطابق ڪلام ڪيو) جي نبوي فرمان مطابق هر هڪ انسان جي سوچ مطابق، خدائي پيغام جي افاديت سمجهائبي. ان کي غور ۽ فڪر جي دعوت ڏبي، ۽ خدائي پيغام جون حڪمتون سمجهائبيون. قرآن فرمائي ٿو:
قُلْ اِنَّمَاۤ اَعِظُكُمۡ بِوَاحِدَۃٍ ۚ اَنۡ تَقُوۡمُوۡا لِلہِ مَثْنٰی وَفُرَادٰی ثُمَّ تَتَفَکَّرُوۡا ۟ (سبا:46)
(اي پيغمبر کين) چئو ته آءٌ اوهان کي رڳو هڪ ڳالهه جي نصيحت ڪريان ٿو ته ٻه ٻه ۽ هڪ هڪ ٿي الله لاءِ کڙا ٿيو پوءِ فڪر ڪريو.