مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

حڪمت الله جي عطا آهي:

حڪمت الله تبارڪ و تعاليٰ جي اها عطا ۽ بخشش آهي، جيڪا هر ماڻهوءَ کي ناهين ملندي بلڪه الله تبارڪ و تعاليٰ جي خاص ٻانهن کي ئي ملندي آهي، جيئن الله تبارڪ و تعاليٰ جو فرمان آهي.
یُّؤۡتِی الْحِكْمَۃَ مَنۡ یَّشَآءُ ۚ وَمَنۡ یُّؤْتَ الْحِكْمَۃَ فَقَدْ اُوۡتِیَ خَیۡرًا کَثِیۡرًا ؕ وَمَا یَذَّکَّرُ اِلَّاۤ اُوْلُوا الۡاَلْبَابِ ﴿۲۶۹﴾ (البقره:269)
جنهن کي گهري تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ڏني ويئي تنهن کي بيشڪ گهڻي ڀلائي ڏني ويئي، ۽ عقل وارن کانسواءِ (ٻيا) ڌيان نٿا ڪن.
جيئن هر شيءِ اصل ۾ الله جي عطا هوندي آهي، ائين حڪمت به اصل ۾ الله تعاليٰ جي عطا هوندي آهي، پر جيئن ٻين شين جي حصول جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ ڪي قاعدا ۽ قانون مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ائين الله تعاليٰ حڪمت جي عطا جي لاءِ پڻ ڪي قاعدا ۽ قانون مقرر فرمايا آهن، انهن قاعدن ۽ قانونن جي پاسداري ڪندي جيڪو ماڻهو سچي دل سان الله تبارڪ و تعاليٰ کان حڪمت گهرندو. ۽ ان لاءِ ڪوشان رهندو ته الله تبارڪ و تعاليٰ اهڙي ماڻهوءَ کي حڪمت سان نوازي ڇڏيندو.
جيئن مٿي عرض ڪيو ويو ته سوره بني اسرائيل ۾ مسلمانن کي ڪي اخلاقي نصيحتون ڪيون ويون آهن، ۽ انهن کان پوءِ انهن کي حڪمت قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح سوره ”البقره“ ۾ انفاق في سبيل الله جي ترغيب ڏيڻ کان پوءِ ان مٿين آيت ۾ حڪمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اتان معلوم ٿئي ٿو ته انهن نصيحتن تي عمل ڪرڻ ۽ الله تعالى جي رستي ۾ خرچڻ حڪمت ۾ شامل آهي. انهن آيتن تي غور ۽ فڪر ۽ تدبر ڪرڻ کان پوءِ هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته حڪمت جا مستحق ڪهڙا ماڻهو آهن. سوره البقره جي مٿين آيت ۾ ”وما يذکر الا اولو الالباب“ چئي اشارو ڪيو ويو ته حڪمت اهڙن ماڻهن کي ئي ملندي جيڪي الاهي احڪامن ۽ ان جي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ عقل مان ڪم وٺن ٿا، ڇو ته الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد جي هر آيت ۽ هر حڪم ۾ ڪا نه ڪا مصلحت ۽ حڪمت رکي آهي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن انسان کان بار بار اهو مطالبو ڪري ٿو ته ”خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪيو ته جيئن اوهان تي خدائي حڪمتن جا راز کلن ۽ اوهين حق کي پرکي وٺو“ قرآن فرمائي ٿو:
سَنُرِیۡہِمْ اٰیٰتِنَا فِی الْاٰفَاقِ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِہِمْ حَتّٰی یَتَبَیَّنَ لَہُمْ اَنَّہُ الْحَقُّ ؕ (حٰم سجده:53)
اسين پنهنجي (قدرت جون) نشانيون (دنيا جي) پاسن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ ڏيکارينداسون تان جو مٿن ظاهر ٿئي ته بيشڪ اهو (قرآن) حق آهي.
هڪ حڪيم ۽ داناءَ جڏهن ڪائنات جي منظرن تي غور ۽ فڪر ڪندو آهي ته ان کي ڪائنات جا سڀ منظر هڪ منظم لڙيءَ ۾ پويل نظر ايندا آهن. ۽ هو اهو سمجهڻ لڳندو آهي ته هيءَ ڪائنات بنا ڪنهن مقصد جي اجائي پيدا نه ڪئي وئي آهي ۽ خدائي احڪام ائين هروڀرو بنا ڪنهن مصلحت ۽ حڪمت جي انسانن جي مٿان لاڳو نه ڪيا ويا آهن. جڏهن هو اهو سوچيندو آهي ته ان جي دل عمل جي لاءِ آتي ٿي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي رب جي هر رضا تي راضي ٿي ويندو آهي، جو هو هر ڪم ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪمت پسي وٺندو آهي.
۽ هڪ حڪيم ۽ داناءَ جو علم ۽ ايمان ائين ٻڌ سڌ ۽ تقليد وارو نه هوندو آهي. بلڪه ان جو ايمان ذاتي تجربن، مشاهدن ۽ غور ۽ فڪر تي مبني هوندو آهي، هو ان کي پنهنجي عقل ۽ بصيرت سان صحيح ۽ حق سمجهندو آهي. هو ظن، گمان، تقليد ۽ اٽڪل بازيءَ تي نه هلندوآهي، بلڪه هو اونهي سمنڊ ۾ غوطا هڻي حڪمت ۽ دانائيءَ جا موتي ميڙي وٺندو آهي. ۽ ڳالهه جي تھه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو ڄڻ ته پنهنجين اکين سان غيب جو مشاهدو ڪندو آهي. هو جڏهن پنهنجي سوچ، سمجهه، بصيرت ۽ وڏي غور ۽ فڪر کان پوءِ ڪا شيءِ حاصل ڪندو آهي ته ان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز ۽ پيارو رکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هڪ مومن پنهنجي دل جي بصيرت سان ايمان آڻيندو آهي ته هو هر شئي الله تعاليٰ جي محبت ۾ قربان ڪري ڇڏيندو آهي. قرآن فرمائي ٿو:
وَمِنَ النَّاسِ مَنۡ یَّتَّخِذُ مِنۡ دُوۡنِ اللہِ اَنۡدَادًا یُّحِبُّوۡنَہُمْ کَحُبِّ اللہِ ؕ وَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلہِ ؕ (البقره:165)
۽ ماڻهن مان اهي به آهن جي الله کانسواءِ (ٻين کي) سندس برابر ڪري وٺن ٿا. انهن سان الله جي محبت جهڙي محبت رکن ٿا ۽ جن ايمان آندو سي الله جي محبت ۾ زياده سخت آهن.
هڪ مئومن جيئن جيئن خدائي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪندو ويندو آهي، تيئن ان جو ايمان ۽ خدا سان محبت وڌندي ويندي آهي، قرآن فرمائي ٿو:
اِنَّمَا الْمُؤْمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللہُ وَجِلَتْ قُلُوۡبُہُمْ وَ اِذَا تُلِیَتْ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتُہٗ زَادَتْہُمْ اِیۡمَانًا وَّعَلٰی رَبِّہِمْ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ (الانفال:2)
ايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا.
اتان معلوم ٿيو ته جيئن انسان بتدريج آهستي آهستي تعليم حاصل ڪندو آهي، حڪمت به ائين ئي بتدريج حاصل ٿيندي آهي.جيئن جيئن انسان الاهي آيتن تي غور ۽ فڪر ڪندو ويندو ۽ انهن کي پنهنجي عمل ۾ آڻيندو ويندو، تيئن ان جي حڪمت ۾ اضافو ٿيندو ويندو، هن جي دل ۾ برائين کان نفرت ايندي ويندي ۽ اخلاقي جوهر اجاگر ٿيندا ويندا. جڏهن اها ايماني بشاشت ان جي دل ۾ گهر ڪري ويندي ته هو پنهنجي رب جو پرستار، ديوانو ۽ پروانو بڻجي ويندو.
هڪ حڪيم جڏهن خدائي حڪمتن کي پرکي وٺندو آهي ته هو ائين رواجي عبادت ناهين ڪندو جيئن هڪ ظاهري عابد عبادت ڪندو آهي. اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته آخر عالم جي عبادت کي عابد جي عبادت تي فضيلت ڇو ڏني وئي آهي؟ ان جو سبب اهو ئي آهي ته عالم عبادت جا راز ۽ حڪمتون ڄاڻي رب جي عبادت ڪندو آهي، جڏهن ته عابد صرف رب جي بندگيءَ جي لاءِ عبادت ڪندو آهي. هو ان جون حڪمتون ناهين ڄاڻيندو،
ائين هڪ حڪيم جڏهن ايمان ۽ عبادت جا راز ڄاڻي وٺي ٿو ته هو پاڻ کي رب جي رنگ ۾ رڱي ڇڏي ٿو، ۽ هو پنهنجي جان، پنهنجو مال ۽ پنهنجي هر شيءِ رب جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏي ٿو، پنهنجو پاڻ پنهنجي پالڻهار جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو ۽ ”رضي الله عنه ورضو عنھ“ جي درجي تي پهچي وڃي ٿو ۽ جڏهن هو پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽي ٿو ته رب جي رحمت ان کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي، هنن حسين ۽ جميل لفظن ۾ ان جو آڌر ڀاءُ ڪري ٿي.
یٰۤاَیَّتُہَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّۃُ ﴿٭ۖ۲۷﴾ ارْجِعِیۡۤ اِلٰی رَبِّکِ رَاضِیَۃً مَّرْضِیَّۃً ﴿ۚ۲۸﴾ فَادْخُلِیۡ فِیۡ عِبٰدِیۡ ﴿ۙ۲۹﴾ وَ ادْخُلِیۡ جَنَّتِیۡ ﴿٪۳۰﴾ (الفجر:27-30)
(۽ ايمان واري ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) اي اطمينان وارا نفس! پنهنجي پاليندڙ ڏانهن موٽي هل جو تون ان کان راضي هجين ۽ هو توکان راضي هجي پوءِ منهنجن ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.