اعجاز قرآن جو دائرو
سورة هود جي آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن مجيد جو خصوصي امتياز ۽ ان جي معجزو هئڻ جو راز هي آهي ته، اهو الله تعاليٰ جي علم مان لاٿو ويو آهي ۽ حقيقت ۾ اهو ان جي خاص علم جو هڪ مظهر آهي ان ڪري ان ۾ انسان پنهنجي ظني، مشتبه، ناقص ۽ محدود ۽ خود خدا جي ڏنل علم سان ڪهڙو مقابلو ڪري سگهي ٿو. جيئن الله تعاليٰ جي ٻين صفتن ۾ انسان مماثلت ڪري نٿو سگهي ائين خدا جي علم ۾ به ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي.
فَاِلَّمْ یَسْتَجِیۡبُوۡا لَكُمْ فَاعْلَمُوۡۤا اَنَّمَاۤ اُنۡزِلَ بِعِلْمِ اللہِ وَ اَنۡ لَّاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ۚ فَہَلْ اَنۡتُمۡ مُّسْلِمُوۡنَ ﴿۱۴﴾
(هود آيت 14)
پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ڳالهه قبول نه ڪن ته ڄاڻو ته ان کي رڳو الله جي علم سان لاٿو ويو آهي ۽ (هن ڳالهه کي به) ته ان کان سواءِ ڪو حاڪم نه آهي. ڇا پوءِ اوهين حڪم تي هلڻ وارا آهيو؟
”اَنَّمَاۤ اُنۡزِلَ بِعِلْمِ اللہِ“ جو نڪتو ٻڌائي ٿو ته جيئن الله تعاليٰ الوهيت جي سمورين صفتن ۾ اڪيلو آهي ائين پنهنجي علم ۾ به اڪيلو ۽ يڪتا آهي ۽ جڏهن ان کان سواءِ ڪو معبود ۽ پالڻهار نه آهي ته پوءِ الهي ڪلام جهڙو ٻيو ڪنهن جو ڪلام ٿي سگهي ٿو.
وَلَقَدْ جِئْنٰہُمۡ بِکِتٰبٍ فَصَّلْنٰہُ عَلٰی عِلْمٍ ہُدًی وَّ رَحْمَۃً لِّقَوْمٍ یُّؤْمِنُوۡنَ ﴿۵۲﴾ (الاعراف آيت 52)
۽ بيشڪ اسان انهن وٽ هڪ ڪتاب پهچايو آهي جنهن کي علم (يعني علمي قاعدي) سان کولي بيان ڪيو اٿئون (۽) جو ايمان واريءَ قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.
الله تبارڪ وتعاليٰ جي علم جو تعلق صرف لفظن ۽ جملن سان نه آهي. بلڪ معنائن ۽ حقيقتن سان به آهي. لفظي فصاحت جي لاءِ قرآن مجيد ڪيترن ئي جڳهن تي پنهنجي متعلق ”قرناَ عربياَ“ ”کتاب مبين“ ۽ ”لسان عربي مبين“) چيو آهي جنهن ۾ ان جي لفظي خوبين ۽ لساني برتري ڏانهن اشارو آهي.
الٓر ٰ ۟ تِلْکَ اٰیٰتُ الْکِتٰبِ الْمُبِیۡنِ ۟﴿۱﴾ اِنَّاۤ اَنۡزَلْنٰہُ قُرْءٰنًا عَرَبِیَّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوۡنَ ﴿۲﴾
(يوسف 1-2)
الر- اهي ظاهر ڪتاب جون آيتون آهن، بيشڪ اسان عربي (زبان) ۾ قرآن لاٿو آهي مَن اوهين سمجهو.
لِسَانُ الَّذِیۡ یُلْحِدُوۡنَ اِلَیۡہِ اَعْجَمِیٌّ وَّہٰذَا لِسَانٌ عَرَبِیٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۰۳﴾ (النحل 103)
تنهنجي زبان عجمي آهي ۽ هي (قرآن) صاف عربي زبان ۾ آهي.
سورة قصص جي هڪ آيت ۾ قرآن مجيد جي مقابلي ۾ اهڙو ڪلام پيش ڪرڻ جي چئلينج ڏني وئي آهي، جيڪو هدايت ۽ اصلاح ۾ ان کان وڌيڪ هجي.
قُلْ فَاۡتُوۡا بِکِتٰبٍ مِّنْ عِنۡدِ اللہِ ہُوَ اَہۡدٰی مِنْہُمَاۤ اَتَّبِعْہُ اِنۡ كُنۡتُمْ صٰدِقِیۡنَ ﴿۴۹﴾ (قصص 49)
چؤ ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيون ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهين کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان.
قرآن مجيد جي فصاحت ۽ بلاغت ۽ ان جو لفظي اعجاز درحقيقت قرآن جي اعجاز جو هڪ ننڍڙو پهلو آهي، قرآن جو اعجاز ان ۾ بند نه آهي. اڳين عالمن جڏهن قرآن جي اعجاز تي غور ڪيو يا ان موضو ع تي قلم کنيو ته زماني جي عام رجحان ۽ عربن جي ادبي ذوق جي ڪري انهن جي سامهون گهڻو ڪري قرآن جي اعجاز جو اهوئي پهلو رهيو ۽ انهن ان تي ڪافي بهتر مواد فراهم ڪيو ۽ وڏي جاکوڙ ڪئي. هينئر ان تي وڌيڪ تحقيق جي گنجائش نه آهي، تنهن ڪري ان بابت انهن عالمن جي تصنيفن ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي.