خدائي اٿارٽي:
لَقَدْ اَرْسَلْنَا رُسُلَنَا بِالْبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلْنَا مَعَہُمُ الْکِتٰبَ وَ الْمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالْقِسْطِ ۚ (الحديد:25)
بيشڪ الله پنهنجن رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ترازي (حڪومت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن.
قرآن مجيد الله تبارڪ و تعاليٰ جو آخري الهامي ڪتاب آهي، تنهن ڪري هاڻي قيامت تائين دنيا جو نظام ان تحت ئي هلڻو آهي ۽ قرآني اصولن مطابق عدل ۽ انصاف تي مشتمل انساني معاشرو قائم ڪرڻو آهي. ڇو ته قرآن، الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان حق ۽ باطل جي درميان سنڌو ۽ فيصلو ڪرڻ جي لاءِ آيل آهي. قرآن فرمائي ٿو:
اِنَّہٗ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ﴿ۙ۱۳﴾ وَّ مَا هُوَ بِالْہَزْلِ ﴿ؕ۱۴﴾ (الطارق: 13-12)
بيشڪ قرآن هڪ فيصلو ڪندڙ ڳالهه آهي. ۽ اهو چرچو نه آهي.
الله تبارڪ و تعاليٰ پوري انسانيت جا سمورا مسئلا ۽ انهن جو حل قران مجيد ۾ رکي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري قرآن فرمائي ٿو ته اوهين جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ ۾ اختلاف ڪري وجهو ته ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه آهي، بلڪه سڌو قرآن ڏانهن هليا اچو. حق واضح ٿي ويندو ۽ قرآن اوهان جا اختلاف ختم ڪري ڇڏيندو. قرآن جو اعلان آهي.
وَمَا اخْتَلَفْتُمْ فِیۡہِ مِنۡ شَیۡءٍ فَحُكْمُہٗۤ اِلَی اللہِ ؕ (الشوري:10)
۽ جنهن به ڳالهه ۾ اوهان اختلاف ڪيو آهي، ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي.
هڪ مؤمن ۽ مسلمان جو الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ ان جي رسول * جن تي پڪو ۽ پختو ايمان ۽ اعتقاد هئڻ گهرجي ته الله ۽ ان جي رسول * جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي سمايل آهي. تنهن ڪري قرآن انسان کي سمجهائي ٿو ته جيڪڏهن اوهين پڪا مؤمن آهيو ته پوءِ پنهنجا فيصلا قرآن ۽ سنت جي مطابق ڪيو، قرآن جو اعلان آهي:
فَاِنۡ تَنَازَعْتُمْ فِیۡ شَیۡءٍ فَرُدُّوۡہُ اِلَی اللہِ وَالرَّسُوۡلِ اِنۡ كُنۡتُمْ تُؤْمِنُوۡنَ بِاللہِ وَالْیَوْمِ الۡاٰخِرِ ؕ ذٰلِکَ خَیۡرٌ وَّ اَحْسَنُ تَاۡوِیۡلًا ﴿٪۵۹﴾ (النساء:50)
پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه م جهڳڙو ڪريو ته ان کي الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو جيڪڏهن اوهين الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا. اها ڳالهه گهڻي چڱي آهي. ۽ ان جو نتيجو گهڻو سٺو آهي.
جيڪي ماڻهو ايمان ۽ اسلام جي دعويٰ جي باوجود پنهنجا فيصلا قرآن ۽ رسول * جن جي فرمان مطابق نٿا ڪن، اهي شيطاني راهن جا راهي آهن. قرآن فرمائي ٿو:
اَلَمْ تَرَ اِلَی الَّذِیۡنَ یَزْعُمُوۡنَ اَنَّہُمْ اٰمَنُوۡا بِمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ وَمَاۤ اُنۡزِلَ مِنۡ قَبْلِکَ یُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ یَّتَحَاکَمُوۡۤا اِلَی الطَّاغُوۡتِ وَقَدْ اُمِرُوۡۤا اَنۡ یَّكْفُرُوۡا بِہٖ ؕ وَیُرِیۡدُ الشَّیۡطٰنُ اَنۡ یُّضِلَّہُمْ ضَلٰلًۢا بَعِیۡدًا ﴿۶۰﴾ (النساء:60)
ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته جيڪو (قرآن) توڏي لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي تنهن تي انهن ايمان آندو آهي. هوڏانهن اهي گهرن ٿا ته شيطان (۽ ان جي ساٿارين) کان فيصلا ڪرائين، باوجود ان جي جو انهن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته (شيطان ۽ ان جي ڇاڙتن) کي نه مڃين ۽ شيطان انهن کي برغلائي (حق واري واٽ کان) پري وٺي وڃڻ گهري ٿو.
قرآن مجيد حق ۽ انصاف جو آخري الهامي ڪتاب آهي. تنهنڪري هاڻي قيامت تائين ان مطابق فيصلا ٿيڻا آهن. قرآن فرمائي ٿو:
وَ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡکَ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَیۡنَ یَدَیۡہِ مِنَ الْکِتٰبِ وَمُہَیۡمِنًا عَلَیۡہِ فَاحْكُمۡ بَیۡنَہُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ وَلَا تَتَّبِعْ اَهۡوَآءَهُمْ عَمَّا جَآءَکَ مِنَ الْحَقِّ ؕ (المائده: 48)
۽ اسان توڏي ڪتاب نازل ڪيو آهي جو سچو آهي ۽ جيڪو ڪتاب ان جي اڳيان آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ ان تي نگهبان آهي پوءِ جيڪي الله نازل ڪيو آهي، تنهن موجب سندن وچ ۾ فيصلو ڪر ۽ جيڪو حق تو وٽ آيوآهي، تنهن کي ڇڏي سندن خواهش تي نه هل.
قرآن ڌرتيءَ تي آيو ئي ان جي لاءِ آهي ته جيئن ڌرتيءَ تي خدا جا احڪام نافذ ڪيا وڃن، ۽ عدل ۽ انصاف وارو معاشرو قائم ڪيو وڃي. پوءِ جيڪي ماڻهو دنيا ۾ خدائي احڪام نافذ ڪرڻ نٿا گهرن يا خدائي احڪامن جي نفاذ جي لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهد نٿا ڪن، اهي ظالم، فاسق فاجر ۽ ڪافر آهن، قرآن فرمائي ٿو:
وَمَنۡ لَّمْ یَحْكُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۴۵﴾ (المائده:45)
۽ جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن موجب جيڪي فيصلو نه ڪندا سي ئي ظالم آهن.
وَمَنۡ لَّمْ یَحْكُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللہُ فَاُولٰٓئِکَ هُمُ الْکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (المائده: 44)
۽ جيڪي الله جي لاٿل(ڪتاب) مطابق فيصلو نه ڪن، اهي ئي ڪافر آهن.
الله تبارڪ و تعاليٰ عليم، حڪيم ۽ خبير آهي، هو پنهنجن ٻانهن جي لاءِ مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. تنهنڪري الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن ڪريم جي صورت ۾ پنهنجن ٻانهن جي لاءِ اهڙا حڪم ۽ احڪام نازل فرمايا آهن. جنهن ۾ انسانن جي ٻنهي جهانن جون ڀلايون رکيون ويون آهن، انسانن جو معاشرو انهن خدائي قانونن کانسواءِ هلي نٿو سگهي.
اوهان کي خبر آهي ته هڪ ڪاريگر جڏهن ڪا مشينري ايجاد ڪندو آهي ته ان کي هلائڻ جا قاعدا ۽ ضابطا به جوڙيندو آهي. جيڪڏهن اها مشينري ان صانع جي هدايتن تحت هلائبي ته اها هلندي ۽ فائدو به ڏيندي، پر جيڪڏهن ان مشينريءَ کي ان صانع جي هدايتن تحت نه هلائبو ته اها مشينري فائدي جي بجاءِ اٽلندو نقصان ڏيندي، ائين الله هن پوري ڪائنات جو خالق آهي. هاڻي جيڪڏهن ان ڪائنات کي خالق جي هدايتن مطابق هلائبو ته ڪائنات هلندي. نه ته ڪائنات جو نظام نه هلندو.