مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

صلاحيتن جو فرق

هتي بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن هر انسان کي روزي رب ٿو عطا ڪري ته پوءِ دنيا ۾ هڪڙا انسان ٻين جا ڳيجهو ۽ نوڪر ڇو آهن؟ ان جو سادو سودو جواب هي آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ بنيادي طور تي سمورن انسانن جي لاءِ رزق جا وسيلا هڪ جهڙا خلقيا آهن ۽ سمورا انسان انهن ۾ برابر جا شريڪ آهن. باقي رزق جي حصول لاءِ صلاحيتن ۾ الله تعاليٰ فرق رکيو آهي، جنهن ڪري ڪن کي ڪن تي فضيلت عطا ڪئي وئي ته جيئن پرک ڪري وٺجي ته ڪهڙا ماڻهو رب جي رحمت واري صفت اپنائي هيڻن جا ڀرجهلو ٿين ٿا ۽ قرآن جي حڪمن مطابق غريبن ۽ ڏتڙيلن تي خرچ ڪن ٿا. ڇو ته قرآن واضح ٻڌائي ٿو ته، ”اوهان جي مالن ۾ ڏتڙيلن جو حق آهي. ۽ اهي اوهان جي مالن ۾ برابر جا شريڪ آهن.“