مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

قرآن مان مسئلن جي استنباط جو طريقو:

قرآن وڏي وضاحت ۽ دعويٰ سان چوي ٿو ته قرآن مجيد ۾ ڪائنات جي هر شيءِ جو ذڪر آهي. ۽ انسانن جي سمورن مسئلن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. ايڏين وڏين وضاحتن جي باوجود جيڪڏهن ڪو ماڻهو لسٽ ٺاهي ۽ چوي ته فلاڻي شيءِ قرآن ۾ نه آهي. تنهن ڪري قرآن ڪامل نه آهي. ان لاءِ عرض آهي ته قرآن مجيد ۾ انسانيت جي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ سمورا اصولي قاعدا ۽ ضابطا کولي کولي بيان ڪيا ويا آهن ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ انسان کي علم، شعور ۽ سمجهه عطا ڪئي آهي ته جيئن هو خدائي وحي جي موافق، انهن ضابطن ۽ قاعدن جي روشنيءَ ۾ پنھنجي تمدني ترقيءَ مطابق مسئلا حل ڪري سگھي ۽ پنھنجا فروعي مسئلا استنباط ڪري سگھي.
قرآن جڏهن ته اصولن ۽ ضابطن جو ڪتاب آهي. ۽ اصول ۽ ضابطا هميشه ٿورائي هوندا آهن، ان ڪري روزاني زندگيءَ جا تفصيلي مسئلا زماني ۽ حالتن پٽاندر انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ جوڙيا ويندا. مثال طور تي ڪنهن به ٻوليءَ جا حروف تهجي ان ٻوليءَ جا اصول ۽ ضابطا آهن. انهن ضابطن تحت ئي ٻولي وجود ۾ ايندي آهي ۽ ٻولي جا حروف تهجي هميشه مختصر ۽ محدود هوندا آهن. پر ان مان لا محدود ڪروڙين لفظ ڳالهايا ويندا آهن. ائين قرآن مان هر دور جا لاتعداد مسئلا استنباط ڪري سگهجن ٿا ۽ هر دور جي نون نون مسئلن بابت رهنمائي وٺي سگهجي ٿي.
اها قرآن سان ڪيڏي ناانصافي ۽ ستم ظريفي آهي جو چيو وڃي ٿو ته قرآن کي ائين ئي سمجهو جيئن پهرئين دور جي مسلمانن سمجهيو، ۽ ڪائنات مان اٿندڙ علمن، مشاهدن، تجربن ۽ سائنسي حقيقتن کان اکيون ٻوٽي ويهي رهو. رڳو اڳين جا لفظ رٽيندا رهو، توڙي جو ڪا نئين تحقيق ۽ حقيقت سج جيان روشن ۽ نروار ڇو نه ٿي پوي، اهڙي قسم جي ذهنيت تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.
ڇا قرآن صرف اهي حقيقتون بيان ڪري ٿو، جيڪي پهرين دور جي مسلمانن تي واضح ٿيون يا صرف اهي مسئلا بيان ڪري ٿو جيڪي پهرين دور جي مسلمانن سمجھيا ۽ لکيا. اها قرآن سان سراسر ناانصافي آهي. ماڻهن کي قرآن کان پري ڪرڻ جي هڪ منظم سازش ۽ رٿا آهي.
اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪو پندرهين صديءَ جو حق جو پانڌيئڙو! حق جي جستجو ۽ طلب جي لاءِ قرآن کڻي ويهندو ۽ قرآن مان پنهنجي ڪاميابيءَ جون راهون ڳولڻ شروع ڪندو ته قرآن ان کي سنئون سڌو پنهنجي رب واري واٽ ڏيکاريندو، ۽ ان جي پنهنجن مسئلن بابت رهنمائي ڪندو،
اِنَّ هٰذَا الْقُرْاٰنَ یَہۡدِیۡ لِلَّتِیۡ هِیَ اَقْوَمُ (بني اسرائيل:9)
بيشڪ هي قرآن اهو رستو ڏيکاري ٿو جو بالڪل سڌو آهي.
جيڪو قرآن مان هدايت وٺڻ جي ڪوشش ڪندو، قرآن ان کي مايوس ڪو نه ڪندو قرآن ان سان حق ۽ سچ جون سرگوشيون ڪندو ۽ ان کي حق جو اهڙو پانڌيئڙو بڻائي ڇڏيندو جو هو ڪڏهن به حق جي پچر نه ڇڏيندو، قرآن فرمائي ٿو:
ھٰذَا کِتٰبُنَا یَنۡطِقُ عَلَیۡكُمۡ بِالْحَقِّ ؕ (الجاثيھ:29)
هي اسان جو ڪتاب آهي جو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي.
هي قرآن جي صرف دعويٰ نه آهي بلڪه سئو فيصد حقيقت آهي. اوهين يورپي ملڪن ۾ ٿيندڙ نون مسلمانن جا تاثرات پڙهو، اوهان کي قرآن جي اها دعويٰ سمجهه ۾ اچي ويندي. اوهان کي هزارين اهڙا ماڻهو ملندا جن وٽ قرآن کان سواءِ ڪو به داعي ۽ پرچارڪ ڪو نه پهتو هو، پر جڏهن انهن هدايت جي نيت سان قرآن کي کولي پڙهيو ته اهي خدائي رنگ سان رنڱجي ويا ۽ حقيقي مسلمان بڻجي ويا.
قرآن الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان روشن، واضح، چٽو ۽ ناقابل ترديد حق آهي، هاڻي جيڪو ان کي پنهنجو دستور بڻائي هلندو ته ان ۾ ان جو پنهنجو فائدو آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو حق سمجهڻ جي باوجود گوهيون هڻندو ۽ هيلا بهانا ۽ ڀڄڻ جا گس ڳوليندو ته اهو الله تبارڪ و تعاليٰ ۽ قرآن جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو، قرآن جو اعلان آهي.
قَدْ جَآءَكُمۡ بَصَآئِرُ مِنۡ رَّبِّكُمْ ۚ فَمَنْ اَبْصَرَ فَلِنَفْسِہٖ ۚ وَ مَنْ عَمِیَ فَعَلَیۡہَا ؕ(الانعام: 104)
بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان (سمجهه پيدا ڪرڻ واريون) نشانيون اچي ويون آهن پوءِ جيڪو ڏسندو ته پاڻ لاءِ ۽ جيڪو انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ.
الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ قيامت تائين ايندڙ پوري انسانيت جي لاءِ دين ۽ دنيا جون سموريون ڀلايون ۽ چڱايون رکي ڇڏيون آهن. پر انسان سوچي ڪو نه ٿو، قرآن انسان کي ان ڏانهن هن ريت متنبھه ڪري ٿو:
لَقَدْ اَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡكُمْ کِتٰبًا فِیۡہِ ذِكْرُكُمْؕ اَفَلَا تَعْقِلُوۡنَ ﴿٪۱۰﴾ (الانبياءِ: 10)
بيشڪ اسان اوهان ڏي هڪ ڪتاب نازل ڪيو جنهن ۾ اوهان لاءِ سمجهاڻي آهي ڇا پوءِ نٿا سمجهو.