مذهب

قرآن اوهان کي ڇا ٿو چوي؟

هي ڪتاب قرآن حڪيم جي بنيادي تعليم ۽ پيغام کي سمجهائيندڙ سولي سنڌي ۾ بيحد اهم مواد تي آڌاريل آهي جيڪو اميد آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ قرآني ڄاڻ ۽ حڪمت جو ڀنڊار ثابت ٿيندو. اسان سمجهون ٿا ته قرآن مجيد جي حوالي سان ٿيندڙ ههڙين موچارين ڪوششن کان عام ماڻهن توڻي طالب علمن کي بهره ور ڪرڻ هن دور جي بيحد اهم ضرورت آهي. ان ڪري هي ڪتاب تڏهن وڌيڪ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيندو جڏهن هن کي وڌ ۾ وڌ ڦهلايو وڃي ۽ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ تعليمي مقصدن لاءِ هن مان استفادو ڪيو وڃي.
Title Cover of book قرآن  اوهان کي  ڇا ٿو چوي؟

تزڪيهءِ عمل:

نفس جي تزڪيي ۽ اصلاح لاءِ ضروري آهي ته هر عمل اخلاص ۽ دل جي سچائيءَ سان ڪيو وڃي. انسان جي عمل ۾ ڪنهن به قسم جو ڏيکاءُ ۽ رياءُ نه هجي ڇو ته رياءُ وارو عمل الله تعاليٰ جي دربار ۾ قبول نه آهي. اهڙو عمل فائدي ۽ اصلاح جي بجاءِ اٽلندو نقصان ۽ خساري وارو بڻجندو آهي. ڇو ته عمل جو صلو، نيت تي ئي ملندو آهي. جيڪڏهن نيت صحيح نه هوندي ته ان عمل جا فائدا مرتب نه ٿيندا، ۽ انسان اهڙي جو اهڙو ئي رهجي ويندو. بلڪه ڏيکاءُ جي ڪري سزا جو حقدار بڻجندو، تنهنڪري ضروري آهي ته هر عمل خالص الله جي رضا جي لاءِ ڪيو وڃي. ان سان ئي عملن جا فائدا مرتب ٿيندا، پاڻ سڳورن جو فرمان آهي.
انما الاعمال بالنیات و انّما لامریءٍ مانویٰ (بخاري، مسلم)
عملن (جي قبوليت ۽ عدم قبوليت جو مدار) نيت تي آهي ۽ ماڻهوءَ کي اهو ئي ڦٻندو جنهن جي نيت ڪيائين.
انساني عملن جي قبوليت ۽ عدم قبوليت ۽ کري ۽ کوٽي جو مدار نيت تي آهي. جيڪڏهن نيت صاف آهي ته ٿورڙو عمل به تڳي سگهي ٿو، ۽ اهو نفس جي اصلاح جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن نيت ۾ کوٽ آهي ته پوءِ کڻي ڪيڏو به عمل ڇو نه هجي قبول نه آهي ۽ اهو اصلاح ۽ نفعي جي بجاءِ بگاڙ ۽ نقصان جو ذريعو آهي. هڪ حديث شريف ۾ عملن جي قبوليت ۽ عدم قبوليت جو معيار هن ريت ٻڌايو ويو آهي.
ان اللہ لاینظر الی صورکم واموالکم ولاکن ینظر الی قلوبکم واعمالکم (رواه مسلم)
الله اوهان جي صورتن ۽ مالن ڏانهن نٿو نهاري، (ته گهڻو آهي يا ٿورو) پر اوهان جي دلين ۽ عملن کي پرکي ٿو. (ته صاف نيت سان ڪيل آهن يا رياءِ ۽ ڏيکاءَ سان)