ڇا عام انسان قرآن نٿو سمجهي سگهي؟
قرآن جو پيغام مڪي ۽ مديني کان ٻاهر جڏهن بين الاقوامي طور تي ڦهلجڻ لڳو ته قيصر ۽ ڪسريٰ جيڪي انسانيت کي پنهنجو سياسي غلام بڻايون ويٺا هئا. اهي قرآن جا سڀ کان وڏا دشمن ٿي بيٺا.
اڄ ڪلهه به صورتحال ساڳي ئي آهي، پر ان جو افسوسناڪ پهلو هي آهي ته اڄ اسان جو مذهبي طبقو ڪٿي شعوري ۽ ڪٿي لاشعوري طور تي سرمائيدارن ۽ عالمي قوتن جي ونگار وهي رهيو آهي ۽ سڄو زور اهڙي نظام تعليم تي ڏئي رهيو آهي. جنهن تحت صرف اهي ماڻهو پيدا ٿين ٿا جيڪي معاشي طور تي سرمائيدارن جا ڳيجھو ۽ غلام هجن ٿا، ۽ انهن جي ئي نوڪري ڏيندا وتن ٿا، جڏهن انسانيت جا رهبر ئي سرمائيدارن جا غلام بڻجي وڃن ته پوءِ خدا جي خلق جو ڇا ٿيندو؟ ۽ ان جو جوابدار ڪير هوندو؟ فَیا ویلتا یا حسرتا!!
اهو نتيجو آهي قرآن کان دوريءَ جو، جو اڄ امت مسلمه ذلت جي پستين ۾ ڪاهي پئي آهي. قرآن جو محافظ ۽ شارح مذهبي طبقو، انساني غلاميءَ جي مختلف طريقن تي مزاحمت ڪرڻ بجاءِ چند رسمن کي مڪمل دين سمجھيون ويٺو آهي. انسانيت کي سرمائيدارن جي ظلم ۽ استحصال کان بچائڻ جي بجاءِ هو هر موقعي تي پنهنجن مالي مفادن خاطر سرمائيدار جو ساٿي بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته هوسرمائيدار جي ساٿ کانسواءِ پنھنجو جهان جوڙي نٿو سگهي.
قرآن سچ پچ هدايت، نجات ۽ هر قسم جي ظلمن۽ استحصال کان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي، جڏهن قرآن آيو ئي انسانن جي هدايت ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ آهي ته پوءِ اهو ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته جيستائين اوهين درزن کن مددي علم نه سمجهندؤ تيستائين اوهان کي الله جو قرآن سمجهه ۾ نه ايندو؟ ڇا ان کان وڌيڪ به ٻيو ڪو خدا جي ڪلام سان ظلم ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن ته قرآن صاف طور تي چئي ٿو ته الله جو ڪتاب صاف، سٿرو، سهنجو ۽ فصيح آهي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه آهي. هو هر دور جي حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ هر حال ۾ انسانيت جي رهنمائي ڪندڙ آهي. رب ذوالجلال جو فرمان آهي:
اَلْحَمْدُ لِلہِ الَّذِیۡۤ اَنۡزَلَ عَلٰی عَبْدِہِ الْکِتٰبَ وَلَمْ یَجْعَلۡ لَّہٗ عِوَجًا ؕ﴿ٜ۱﴾ (الڪهف:1)
”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪا ڏنگائي نه رکيائين.“
ان ساڳي مفهوم کي سورة الزمر ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
قُرۡاٰنًا عَرَبِیًّا غَیۡرَ ذِیۡ عِوَجٍ لَّعَلَّہُمْ یَتَّقُوۡنَ ﴿۲۸﴾ (الزمر:28)
”(اهو) عربي (زبان ۾) قرآن آهي جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته من اهي پرهيزگار ٿين. “
ان جا احڪام صاف سٿرا آهن، انهن ۾ ڪنهن به قسم جو مونجهارو نه آهي، غور ۽ فڪر رکندڙ ماڻهو انهن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ خدائي آيتن مان فيضياب ٿي سگهن ٿا، قرآن فرمائي ٿو:
کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللہُ لَكُمُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ تَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۲۱۹﴾ۙ (البقره:219)
”اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو مَن اوهين سوچو.“
الله تبارڪ و تعاليٰ انسانذات جي سڌاري ۽ اصلاح جي لاءِ مختلف طريقن سان پنهنجيون آيتون ۽ احڪام کولي کولي بيان فرمايا آهن ته جيئن انسان انهن آيتن کي سمجهي پنهنجيون من مستيون ۽ نفساني خواهشون ڇڏي خدائي واٽ وٺي، قرآن فرمائي ٿو:
اُنۡظُرْ کَیۡفَ نُصَرِّفُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّہُمْ یَفْقَہُوۡنَ ﴿۶۵﴾ (الانعام:65)
”ڏس! ته ڪيئن اسين نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا من اهي سمجهن“.
الله تبارڪ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ هڪ هڪ ڳالهه ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪئي آهي ته جيئن انسان کي سمجهڻ ۾آساني ٿي، پوءِ جيڪي ماڻهو الله تبارڪ و تعاليٰ جي ڪتاب کي سمجهن ٿا، ۽ خدائي حڪمتن تي آگاهه ٿين ٿا، اهي الله تبارڪ و تعاليٰ جي خوف کان ڏڪي وڃن ٿا، ۽ پنهنجي حال جو اصلاح ڪري وٺن ٿا. قرآن انسان کي واضح ٻڌائي ته اهي ئي هدايت يافته آهن، باقي جن تي قرآن اثر نٿو ڪري، اهي گمراهه آهن، انهن کي ڪٿان به هدايت ڪا نه ملندي، رب ذوالجلال جو فرمان آهي.
اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِیۡثِ کِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِیَ٭ۖ تَقْشَعِرُّ مِنْہُ جُلُوۡدُ الَّذِیۡنَ یَخْشَوْنَ رَبَّہُمْۚ ثُمَّ تَلِیۡنُ جُلُوۡدُهُمْ وَ قُلُوۡبُہُمْ اِلٰی ذِكْرِ اللہِؕ ذٰلِکَ ھُدَی اللہِ یَہۡدِیۡ بِہٖ مَنْ یَّشَآءُؕ وَ مَنۡ یُّضْلِلِ اللہُ فَمَا لَہٗ مِنْ ھَادٍ ﴿۲۳﴾ (الزمر:23)
” الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن، ان جي ٻڌڻ سان انهن(ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وري سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون. هي (قرآن) الله جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪو به هدايت ڪندڙ نه آهي.“
قرآن کي واضح ۽ کولي بيان ڪرڻ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذميواري آهي، اهو ذمو الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ کنيو آهي، قرآن فرمائي ٿو:
لَا تُحَرِّكْ بِہٖ لِسَانَکَ لِتَعْجَلَ بِہٖ ﴿ؕ۱۶﴾ اِنَّ عَلَیۡنَا جَمْعَہٗ وَ قُرْاٰنَہٗ ﴿ۚۖ۱۷﴾ فَاِذَا قَرَاۡنٰہُ فَاتَّبِعْ قُرْاٰنَہٗ ﴿ۚ۱۸﴾ ثُمَّ اِنَّ عَلَیۡنَا بَیَانَہٗ ﴿ؕ۱۹﴾ (القيامھ:16-19)
”(اي رسول) پنهنجي زبان کي ان سان هن لاءِ نه چور ته اهو جلد ياد ڪري وٺين ڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ اسان جي ذمي آهي. پوءِ جڏهن اسين قرآن پڙهون تڏهن تون قرآن جي پڙهڻ کي ٻڌندو رهه. وري ان جو مطلب سمجهائڻ(به) اسان جي ئي ذمي آهي.“
قرآن مجيد نصيحت وٺندڙن جي لاءِ ۽ ان کي سمجهڻ جي جستجو ۽ طلب رکندڙن جي لاءِ بلڪل عام فهم ۽ آسان آهي. هو فصاحت ۽ بلاغت ۾ اونچي ۽ اعليٰ درجي تي هئڻ جي باوجود نصيحت ۽ هدايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايترو آسان ۽ سولو آهي، جو جيڪڏهن ڪو قرآن جو طالب حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ عربي ادب ۽ گرامر جي ڪتابن جي پڙهڻ کانسواءِ به قرآن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو ته هو يقين سان قرآن مجيد سمجهي ويندو. قرآن جو اعلان آهي:
وَ لَقَدْ یَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَہَلْ مِنۡ مُّدَّکِرٍ ﴿۱۷﴾ (القمر:17)
”۽ اسان قرآن سمجهڻ لاءِ سولو ڪيو پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.“
انسان جي طبيعت آهي ته هو واقعن ۽ قصن مان جلدي عبرت حاصل ڪري وٺندو آهي ۽ پنهنجي حال جو سڌارو ڪندو آهي، قرآن انسانن جي لاءِ عبرت آموز ۽ نصيحت آموز قصا بيان ڪري ٿو ته جيئن هو انهن مان عبرت حاصل ڪري، پنهنجي حال جو اصلاح ۽ سڌارو ڪن، قرآن فرمائي ٿو:
فَاقْصُصِ الْقَصَصَ لَعَلَّہُمْ یَتَفَکَّرُوۡنَ ﴿۱۷۶﴾ (الاعراف:176)
”پوءِ (انهن کي اهو) احوال ٻڌاءِ من اهي فڪر ڪن.“
قرآن مجيد قيامت تائين ايندڙ انسانن جي لاءِ الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان حجت ۽ دليل آهي. جيڪو ايمان وارن کي خدائي واٽ وٺائيندو رهندو، قرآن جو اعلان آهي.
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ قَدْ جَآءَكُمۡ بُرْہَانٌ مِّنۡ رَّبِّكُمْ وَاَنۡزَلْنَاۤ اِلَیۡكُمْ نُوۡرًا مُّبِیۡنًا ﴿۱۷۴﴾ فَاَمَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِاللہِ وَاعْتَصَمُوۡا بِہٖ فَسَیُدْخِلُہُمْ فِیۡ رَحْمَۃٍ مِّنْہُ وَفَضْلٍ ۙ وَّیَہۡدِیۡہِمْ اِلَیۡہِ صِرَاطًا مُّسْتَقِیۡمًا ﴿۱۷۵﴾ؕ (النساءِ:172-175)
”اي انسانو! اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان هڪ سند آئي آهي ۽ اسان اوهان ڏي ظاهر نور (قرآن) لاٿو آهي پوءِ جن الله تي ايمان آندو ۽ ان کي مضبوط جهليو تن کي پنهنجي طرفان رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏي سڌو رستو ڏيکاريندو.