شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

ارپنا

• تضادن جي هم آهنگي ۽ ڪشمڪش جي نانءَ،
جيڪي ڪائنات جي بنيادي وصف ٻڌائين ٿيون.
• انهن انسانن جي ناءُ،
جيڪي بدليا ۽ بدلائيندا آيا!
• امان جي ناءُ،
جنهن ايڏو پيار ڏنو، جو وسري ئي نٿي!
• لطيفي آشرم جي انهن شودرن ۽ دنيا جي ڌڪاريل يارن
جي ڪچهرين جي ناءُ،
جن ۾ گهڻو ڪجھ عجيب ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي.
• تمام انهن ”منصوري“ مهانڊن جي ناءُ،
جيڪي پاڻ ارپي، موت کي عجيب و غريب نواڻ ڏيئي
رهيا آهن.

درگاهي گبول