سڀ اکين تي سائين!
خدا ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو؟
مجاز جي اڻ هوندگي جو
منافقي سان ڪهڙو رشتو آهي؟
ڪير به نه ٿو ٻڌائي!
ڇا ڪوئي ٻڌائيندو ته
عشق، ڪبوتر جي اڏار ۾ آ
يا تلوار جي تيز ڌار ۾؟
هتي هر جنگ
ٻي جنگ شروعات آهي
۽ امن هڪ نئين امن جو ڳولائو!
غير جانبداري ڇا آهي؟
مصلحت پسندي،
فطري جذبو آهي يا سماجي؟
ماڻهو ڄائي ڄم کان ڀڙ آهي
يا انساني عملن جو ڪرشمو آهي؟
سڀ اکين تي سائين!
پر هتي اهو ڪير ٻڌائي ته
بندوق پلال ۾ آهي!!!