ڇا تون نٿي ڄاڻين؟
ته تنهنجون هي ڇاتيون،
مون ۾ ائين هلي رهيون آهن،
جيئن رهڙيون پائيندڙ جانور زمين تي،
ڇا تون اهو نه نٿي ڄاڻين؟
ته تنهنجون هي ٻئي اکيون
”پنيءَ“ جي ٿڌي هوا جيان،
مون کي ڇو پرسڪون ڪنديون آهن؟
پوءِ ته اهو نه ڄاڻيندي هوندينءَ ته
آءُ هر رات تنهنجي ”بريزر“ کي
ڇاتي سان لڳائي ڇو سمهندو آهيان؟
۽ توکي اها نه خبر نه هوندي ته
تون بهار جي خوشبوئن مان ٺهيل آهين،
۽ آءُ تنهنجي ڇاتي جي
چمي جي آس مان!