آءُ لڪان ٿو تون ڳول
آءُ لڪان ٿو تون ڳول.
سونهن سڄڻ جي باک ڦٽي ٿي
جوت جواني جيءُ لٽي ٿي
موھ هن ٻاتا ٻول او سڄڻي!
آءُ لڪان ٿو تون ڳول.
هاءِ! حياتي ٻک لڳي ٿي.
تو بن ڪهڙي اک لڳي ٿي.
چاه سچو چوٻول او سڄڻي!
آءُ لڪان ٿو تون ڳول.
پنهنجو پاڻ کان هاءِ پري ٿي،
ڄڻ جوڀن سان ڊوھ ڪري ٿي،
ٻک وجهي، نه کول وا سڄڻي!
آءُ لڪان ٿو تون ڳول!