مون سوچيو هو...
اکين جا آسرا ٿيندا،
بدن هي سڀ ساهن جا،
نه مون کان اوپرا ٿيندا،
وٽي سڀ وھ هي جيون
نوان ڪي پيچرا ٿيندا
مگر ايئن نه ٿيو آ هت،
اڃا بيٺي آ ساڳي ڀت،
ڀلا آخر ٿو ڇو سڏجي؟
هي لوٿر گوشت ئي زندگي
کڻڻ ڇا ايئن ساهن جو
ئي روحن جي علامت آ
يا مورڳو ئي غلاظت آ؟
صفا پوڙهن پساهن جي،
ڪيو اڄ ها تعين هن جو
مزاحمت ئي حياتي آ،
وطن وهنوار ٿو چاهي،
نئون ڪو پيار ٿو چاهي،
۽ ڪنوارپ جي گناهن جان
خطا هر خوبصورت آ
ڀلا ڪنهن جي ڪا پورت آ؟
ايئن ماٺار ٿو چاهين
صفا مئل پساهن جان
به ڇو وهنوار ٿو چاهين؟
چئي ڏسي سچ اڄ سڀ کي
ها! تون انڪار ٿو چاهين،
ڪيو نه ڪنهن به اڄ تائين،
اهڙو اظهار ٿو چاهين،
جي چئين ٿو سنڌ کي ماتا
ڀلا پوءِ ڇو ٿي ڳٽ پاتا
چئه انڪار ٿو چاهين
نئون اظهار ٿو چاهين
نئون اظهار ٿو چاهين