شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

لت رکن پيا ساھ تي.

اڄ جي فردي دور ۾،
طبقاتي رشتا،
لت رکن پيا ساھ تي.

مايا جي سنسار ۾،
رياستي دستا،
لت رکن پيا ساھ تي.

تنهنجي آفس ٻاهران،
رکيل گلدستا،
لت رکن پيا ساھ تي.

توڏي ايندڙ شهر جا،
سارا هي رستا،
لت رکن پيا ساھ تي.