ڀلا تون يار ڇا آهين!؟
ها تون او يار ڇا آهين؟
آهين پرھ جي هر پل ۾
هِنن هيڻن جي هلچل ۾،
ٻڌاءِ تون يار ڇا آهين؟
ڀلا تون يار ڇا آهين!؟
بدن تنهنجو هيءُ او جانان!
اکين جو دين آهي ڄڻ،
هي ٻيئي نيڻ ڀي تنهنجا
آهن ڄڻ آسرا منهنجا
جتي هر پير ٿي رکين
اتي ڄڻ ڇير ٿي رکين
ٻڌل آهي اڃا ڀي ڏس
پلئه ۾ هر وچن تنهنجو
پري کان ڏس ڪيئن بيٺو
تڪي ٿو چاھ پيو منهنجو
ڇُهاءُ تنهنجي ئي پيرن جو
سنڀاري پيو اڱڻ منهنجو
ڀلا تو ناهي ڄاتو ڇو؟
آهي ڇا تنهنجو هيءُ مرڪڻ
اسان جي من ۾ جانان!
رکيا تو پير ايئن پئي
سفر ڄڻ سڀ سُتا پئي ٿي
ٿڪل هئا جي صدين کان سي
۽ نارين جي قصن وانگي
اَنبن جي ٿيل حصن وانگي
آهن هي چپ ٻئي تنهنجا
يا آهن گيت ڪي منهنجا!؟
آهين سردي سياري جي،
يا بارش ڪا اونهاري جي؟
يا مورڳو ئي ته رونق آن
سنڌو جي هن ڪناري جي؟
آهين وُٺي جي خوشبو تون
يا ڪا ڪُٺي جي خوشبو تون
آهين ڪو باک جو ويلو
يا آهين جهوڪ جو ميلو!؟
يا آهين جهوڪ جو ميلو!؟