شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  سنڌ مونسان ڳالهائي رهي آهي

مون تنهنجي سامراجيت جا
سمورا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن،
هي ٿورين جا ٿانو مون لاءِ مقدس آهن،
۽ ڀيلن جا سدا حيات ڀاڪر منهنجي نج سونهن آهن،
ها! آءُ تنهنجي تهذيب کان بغاوت ڪريان ٿو
۽ تنهنجي حلال _ حرام واريون
هٿڪڙيون پائيڻ کان انڪار ڪريان ٿو،
ها! مون پگهر جي خوشبو سنگهي آهي
۽ گهڻو تبديل ٿي رهيو آهيان،
هي ڀٽائي منهنجو پيغمبر آهي،
مونکي عالم انسان ۽ فطرت سان عشق آهي،
ڇا تون نٿو ٻڌين؟
هي تاريخ ڇا چئي رهي آهي؟
آءُ گهڻو ڪجه ٻڌي رهيو آهيان
هي ٿر _ بر مونسان ڳالهائي رهيو آهي
ها! هي سنڌ مون سان ڳالهائي رهي آهي!!