شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

ڪيڏي نه وڏي ڳاله آهي!!!

هو ڇو مرن پيا؟؟
ڪو انهن کان پڇي ڏي،
موت جو ڪهڙو آڳو
۽ ڪهڙو پيڇو آهي،
ڪا خبر ناهي،
پر موت به خوبصورت ٿي سگهي ٿو!
ڪيڏي نه وڏي ڳاله آهي!!!
ها! اهو سچ آهي ته
هر هيڻي جو آدرش
خدا جي ڌڙڪن آهي،
ڌرتي پنهنجي آتم ڪٿا لکي رهي آهي
ويدن جهڙيون هي جوانيون
جن جي چپن تي
محبوبائون پنهنجا جسم هارين ها!
اڄ موت انهن کي ڳيهي رهيو آهي،
اي پٿر جا انسانو!
اي زميني آقائو!
ڇا اوهان جي دل نٿي ڦٿڪي؟
ڪيڏا نه بي ضرر
۽ مٽي هاڻا ماڻهو مري رهيا آهن!!