شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  اَچو ته قسم کڻون!

اچو ته رت هاڻن جسمن جا
۽ رت هاڻن لمحن جا قسم کڻون
اي ڀِٽن تي واءُ جا پيرا کڻندڙ ساٿيو!
اي جبل جهانڳيندڙ ساٿيو!
اوهان سچ پچ
مورن جيان خوبصورت ۽ وڻندڙ آهيو!
بيشڪ!
اوهان ئي وقت کي چڀندڙ سُئي جيان بڻايو آهي،
هيءُ وقت هاڻي اسان سڀني کي چُڀي رهيو آهي،
ها!
اوهان ثابت ڪيو آهي ته
موت صرف مرڻ جو نالو نه آهي،
۽ ڪابه غلامي دائمي هر گز نه ٿي ٿي سگهي،
اَچو ته اِن انڪشاف جو قسم کڻون ته
اسين هميشه انقلابين سان هونداسين
۽ انهن جيان هونداسين،
ها!
اهو سچ آهي ته
ڪنهن جو به موت اسان کي پنهنجو ڪري سگهي ٿو
اي انساني آدرش جا خوابو!
اسين، اوهان کي پڪاري رهيا آهيون
اَچو!
ها!
اَچو!
اسان جي اکين ۾ لهو!
ها! گهڻو ٿي چڪو
ها!
هاڻ اکين ۾ لهو