هن کي ڪا ته ٻڌائي جيڏي!
هن کي ڪا ته ٻڌائي جيڏي!
هو جي ناهي، ڪجھ ڀي ناهي، آڳر هي آکاڙو آهي،
تيل، ميٽ ۽ سرمي _ داڻيءِ، ها سڀ ايئن ڏس پيا هن،
هن کي ڪا ته ٻڌائي جيڏي!
سهرو سهرو هن جو چهرو، پل پل آهي ڄڻ ڪو پهرو،
ان ري ڪا ساعت نه سري ٿي، هاءِ مون ڪيڏا وَس ڪيا هن.
هن کي ڪا ته ٻڌائي جيڏي!
روز ڀڄان ٿي باک ڦٽيءَ جو، ڪير ٻڌي ٿو مون شُدي جو،
ڪيڏيون اندر اڳڙيون آهن، پوءِ به ڪِٿ هو ٻار رهيا هن.
هن کي ڪا ته ٻڌائي جيڏي!