شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  چُمي

اي خواب ڏسندڙ ساٿيو!
هر صبح اسان جو پنهنجو آهي
هي رات پاڻ کي ڪڏهن به نٿي اورانگهي سگهي،
مان ڏسان ٿو،
هي سرحدي لوڙها لاچار ٿي رهيا آهن،
بيشڪ!
عظيم آهي اهو ڀاڪر،
۽ اُها چمي
جيڪا سرحن کي چيري رهي آهي
۽ فسطائيت کي شرمنده ڪري رهي آهي
ها! مونکي پڪ آهي ته
هي آزاد فضا
هڪ لذيذ چمي وانگي آهي
۽ هر قومي بقا پڻ محبت جيان آهي
اي خواب ڏسندڙ ساٿيو!
اچو!
ها اچو!
هي ڌرتي پاڻ کي ئي پڪاري رهي آهي
ها! مڪار آهن اهي ماڻهو
جيڪي محبتن تي بندشون وجهن ٿا،
ڇا ڪو قومي ضمير
انساني ضمير کان مختلف هوندو آهي؟
اَچو ته سڀ برج ڪيرايون!
هي آزادي
اسان سڀني کي لوڙ ۾ آهي!
اسين ايندڙ نسلن اڳيان جوانده آهيون،
اچو ته انهن کي ورثي ۾ ڪي چميون ڏيون
ها! گهڻو ٿيو
هاڻي چپن کي ڇهڻ ڏيو
۽ سرحدن تي ديوارن بجاءِ
اچو ته مائرن جون دليون رکون!!