شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  آگاهي

ڏيئي اونداھ کي تيلي
پرھ جي پار ڏي هلجي
صدين جي هن ٿڪاوٽ کي
ڇڏي ٻئي پار ڏي هلجي
قتل ٿئي ڪو نگاهن جو
نڪي آ جي فضائن جو
اچو ويڙهي ڇڏيون قصو
گناهن ۽ ثوابن جو
مُلن، ڀومن نوابن جو
۽ بي تُڪن عذابن جو
هتي هر ڪَل ڀي ڪافر
۽ توسان جو پيو گذري
اهو هر پل ڀي ڪافر
چپن جي دين جو هتڙي
آهي هر ڳل ڀي ڪافر
هيءَ نوڙت، نياز ڀي ڪافر
هي سُر ۽ ساز ڀي ڪافر
پنهنجي هر وک ڀي ڪافر
۽ ساري ڏک ڀي ڪافر
لڳي ائين ٿو سچ پچ ئي
سنڌو جي تک ڀي ڪافر
رڳو هي ساه جسمن جو
ناهي پُوراءُ جيون جو
جو سوچي ٿو ايئن ويهي
انهي جي سوچ ڀي ڪافر
انهي جي لوچ ڀي ڪافر
۽ هر هڪ ”بيچ“ ڀي ڪافر
هي تنهنجي چيچ ڀي ڪافر
اڙي هر هر جتي دلڙي،
اهي ٻئي نيڻ ڀي ڪافر
ٻري جا گهگھ اندھ ۾
بتي سا ميڻ ڀي ڪافر
موهيو جن من منهنجي کي
اهي ٻئي پير ڀي ڪافر
انهن جي ڇير ڀي ڪافر
پنهنجو ان سان وڃي ڀي ڇا؟
چئي ڀل ڪير ڀي ڪافر
مگر سوچي پيو ماڻهو
اهڙي هر ڏاڍ مڙسي تي
ڏيان ٿو جي ڪا آگاهي
ڏيئي هر دين ٿو ڦاهي
ڏيئي هر دين ٿو ڦاهي