شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  وسندڙ برسات کي چئو.....

شهر تي وسندڙ برسات کي چئو
آءُ بلڪل ئي اڪيلو آهيان
تنهنڪري آءُ ان جي تشريح نه ڪري سگهندس
ڇو ته
ٿورو ٿورو جيئندڙ حيات جون ترجيحات
ڏاڍيون عجيب هونديون آهن
هن کي چئو ته
اها حقيقت آهي ته
دنيا جي تمام خوبصورت جاين تي
وسندڙ برساتون
هن جون هم معنيٰ نٿيون ٿي سگهن
شهر تي وسندڙ برسات کي چئو
هاڻي گهڻي عرصي لاءِ
آءُ اڪيلو جيئڻ چاهيان ٿو
آءُ نٿو چاهيان ته
مونکي اهو ياد اچي ته
ڪنهن ڏينهن هن
مونکي ڏاڍو پيار ڪيو هو
۽ ڪنهن ماٺيڻي ندي جيان
چپ چاپ مون ۾ وهندي رهي هئي
هن جي دل به
منهنجي پيرن هيٺيان لهي آئي هئي
پر مهربان هن کي چئو ته
مان هاڻي مئل ذهن ٿيڻ چاهيان ٿو
۽ سڀ ڪجه وسارڻ چاهيان ٿو
شهر تي وسندڙ برسات کي چئو
هاڻي ڪنهن ڀنل چنري مان
اُلا ايئن آرام سان اُٿندا آهن
۽ چپن جي رڦڻي مان
اَڪن جا نيرا ڦول گم تي ويا آهن
هاڻي هن جي آجيان
محبت واريون دليون
پنهنجي بدن جي سِپ سان نه ڪري سگهنديون
هن کي چئو ته
هو واقعي به اِلاهي خوبصورت آهي
هن کي ڪنهن به قسم جي
احساس ڪمتري نه هجڻ کپي
شهر کي پسندڙ برسات کي چئو
ماڻهو ذهن جي اُڀ کان ڪري
پيٽ جي کجي ۾ اٽڪي پيا آهن
هاڻي سماجي تبديلي واريون ڳالهيون
اسان کي خودڪشين ڏانهن وٺي وڃن ٿيون
ڇو ته اسان پنهنجي محبوبائن کي
اهو به چيو هو ته
ڪنهن انقلابي آشرم ۾ ئي
اسين اوهان سان هميشه هميشه وارو
پيار ڪري سگهون ٿا
پر هِتي سوڀي جي انقلابي آشرم جون
ڇلڙيون لاهيون پيون وڃن!!