جوڀن سُس پُس پيو ڪري!
جوڀن سُس پُس پيو ڪري!
ڪيڏانهن وڃي ٿو پيو،
نيڻن جو رستو،
جوڀن سُس پُس پيو ڪري!
وَل جيان ويڙهي پيو،
وري نئون سڪتو،
جوڀن سُس پُس پيو ڪري!
اوڏڻ ۽ مِٽي جيان،
توکي هان پرتو،
جوڀن سُس پُس پيو ڪري!
سوچان ٿو ها! مون شايد،
تنهنجو نانءُ ورتو،
جوڀن سُس پُس پيو ڪري!