شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  هر شيءِ هٿن مان کِسڪي وئي

بانسريءَ جي آواز
هن جو بدن تخليق ڪيو
مرلي، هن جي ٻانهن جي لوڏ جون
وضاحتون بيان ڪيون،
ها! هي سمورا ساز
هن جي بدن سان تعلق رکندا آهن!
پر الغوزي جي آواز
هن کي ڳوهيو آهي
۽ ڀرسان بيٺل ڪنوارپ جي گناهن
هن کي گهوريو
مون هنن کي چيو ته
چُميون، هن جو آڌرڀاءُ ڪنديون آهن!
۽ موسمون هن کي مڃينديون آهن
پر واقعي!
اسان مان ڪنهن اهو خوب چيو هو ته
هُو اسان کي موت سيکاريندا آهن
۽ زندگي نه!
شاعري صرف عورت کي گهورڻ جو نالو ناهي!
پر هن جي پوشاڪ،
قبر تائين اسان جو پيڇو نه ڇڏيو!
۽ هن اسانکي ڀلائي سيکاري،
جيڪو اضافي ۽ نسورو ناحق آهي،
اسان فارسي ۽ عربي شاعري واري عورت کي پئي ڳوليو
۽ هر شيءِ هٿن مان کسڪي وئي