تنهنجي ته ڳالھ ئي ٻي آهي....
ان ڪري تون، تون آهين
آءُ پنهنجي ان مبهم آگاهي کي
توسان انڪري شيئر ڪندو آهيان
ته جيئن هي سڪون ڪجه تائين رهي
موت جو خيال
انسان جي وڏي دورونديشي آهي
۽ آءُ موت آڏو، ايڏو ناڪافي ڇو هوندو آهيان؟
ان ڪري ته تون
پنهنجي پيدائش جيان مونکي وساري سگهين ٿي
۽ آءُ هي سڀ برداشت نه ڪري سگهندس
هتي ته ماڻهو عام سونهن تي به مريو ٿا وڃن
تنهنجي ته ڳاله ئي ٻي آهي
تون جا ساري جدلياتي سونهن آهين
توکي ته ڪنهن بنا سرحد ۽ حد جي چاهي سگهجي ٿو
پر تون پنهنجي پيدائش جيان مونکي ويساري سگهين ٿي
ڇو ته تون ساري جدلياتي سونهن آهين
۽ آءُ ڪو مُقدر پرست آهيان