بيت
سوچان ٿو چهرا، هوندا سڀ آواز جيان؟
اڄ ڀي مينهوڳي ۾، ڀڳي ايئن ڀون،
جِئن ڪا هيسيل سونهن، آئي هجي ڀاڪرين،
سڀ ڪو جوڳ ۾ ٿو جيئي، مري ٿو ڪوڪو،
ائين آخر ڇو؟ ماڻهو مري ٿو پيو!؟
آءُ جي سڏجان ٿو، ٿو پيو صفا ڪورو ڄٽ،
ڇا هي ســـارا ڳٽ، آهن منهنجي لاءِ رڳو؟
مونکي ڏسندي ئي ايــــــئن، ويڙهجي وئي آهوءَ،
ها! هي ساري جُــــــوءَ مان ڄڻ هجان ان لاءِ،
پيداواري اوزارن جو، آهي عڪس سماج،
جامد ڪو رواج، ناهي هن عميق ۾.
ڳوهيو سڀ کي مٽي مان، جي هڪڙي ٿي رب،
هيڏا ڇو مذهب، آهن پوءِ سنسار ۾؟
جيئن وٽي ۾ ڪيو، سڪو آ کڙڪو،
سارو جڳ دڙڪ، آ لڳو ڪنهن ڏاڍو جو.
ها! هن رکيا پير پئي، منهنجي نيڻ ۾،
سڀني ڀيڻن ۾، آهي انوکي ڇوڪري.
کيڏن پيا ٿا ٻارڙا، اڳيان هن جي راند،
پوڙهو ۽ هو لانڍ، سوچن پيا سنسار تي.
سُرندڙ هن سنسار جو، ڪهڙو بيٺل رب؟
اجايو هي سڀ، ماڻهو منجهيل ٿا لڳن.
فصل پڪل تي ويٺو ”نظرو“ هڪلي جهاز،
پٺيان ڪائي سار، کيس سنڀاري ٿي پئي.
ڇالئـ سوچين ٿو ”علي“ پنهنجي منهن اڪثر،
اڇل ڪو ڪنڪر، بيٺل هن سماج ۾.
ڏسندي هلي وئي لهي، جيئن بيٺي بس،
ڪيڏو آ بيوس، ماڻهو ماڻهو جي اڳيان.
ڌرتي ڪڇي ٿي پئي، ڪيڏي ننڍڙي ڦيٿ،
ملوڪي هي ريت، هر شي ٽڪرا پئي ڪري.
هن کي جيئن مون ڏٺو، موٽر سائيڪل تي،
رستي ڀي ان کي، ڄڻ ته نهاريو ٿي پئي.