اسان سان گهڻو ڪجھ وَهي واپري پيو
مگر هڪ دفعي
هي غريبي اسان کي شڪست ڏئي ڇڏيندي آهي
عقل ۽ پيٽ جو اڻ هوندگيون
اسان جو پيڇو ڪري رهيون آهن
۽ اسين
انهن کان ڏور ٿڄي رهيا آهيون
اسين ڄاڻون ٿا ته
هي حوس ۽ ويڳاڻپ،
اسان جي ٻارن جو مقدر بڻجي وئي آهي
۽ اسين سڀ ڀيانڪ ظلم
۽ خطرناڪ غلامي جي دور ۾ جي رهيا آهيون
اسان سان گهڻو ڪجه وهي واپري پيو
صدين کان اسان جو زالون
حوس مان جنم وٺندڙ ٻارن کي
جنم ڏيئي رهيون آهن
۽ ڪٿي وري ڇڙواڳي جي بدترين غلامي
اسان کي اندران ٿي اندران کائي رهي آهي
اڄ جون تمام ذليل ترين ذلتون
هڪ ٻئي پٺيان اسان کي گهيري رهيون آهن
۽ ضبط ڪرڻ اسان جو ورثو بڻجي رهيو آهي
ها! اسين روز بروز
عارضي ۽ غير فِطري تڪليف ۾
اُلجهي رهيا آهيون
ڀاڙيتي ميڊيا جي تمام غلاظت
اِنتهائي تيزي سان
اسان جي رڳن ۾ شامل ٿي رهي آهي
۽ اسين چُپ چاپ هي سڀ سهي رهيا آهيون
۽ اسان جا اڳواڻ
جيئري ئي مراعتن جي قبرن ۾ لهي ويا آهن