اسين دنيا ڄاوا آهيون
مکيه تضاد اُڀري رهيا آهن
هي اُٻاڻڪائي سماج کي ڌوڏي رهي آهي
ها! اهو سچ آهي ته
تاريخ پيڙهيل ماڻهن جو خدا آهي
انسان سماج جو عڪس هوندا آهن
باطنيت تضادن جو علم آهي
ڪا به فسطائيت
خوشبوئن جو قتل نٿي ڪري سگهي
اسين دنيا ڄاوا آهيون
اِهو ئي وڏو سچ آهي
تون ڀلي آسمانن جون هنڀوڇون هڻ
ڌرتي تي هر اُٿل پُٿل
انساني سرگرمين جي گواه آهي
اسان پنهنجون اکيون
محبوبائون جي پيرن هيٺان رکي ڇڏيندا آهيون
۽ انهن جي ڇاتين جي نرمي
اسان جي روح ئي هوندي آهي
ها! اهو سچ آهي ته
اسان گناهن جي رَهنمائي ۾ سفر ڪري رهيا آهيون
پر تون جن عملن کي گناه چئين ٿو
اهي ايڏا وڻندڙ ڇو هوندا آهن؟؟