عالم سڀ آباد ڪرين!
عوام جو آواز
۽ عوامي مُڙسي جو مظهر هوندا آهن
صوفي، جامد مردھ قدرن جي ڀيانڪ خاموشي ۾
محبوبا جي ڇيرن جي ڇم ڇم جي شوخي هوندا آهن
صوفي، آريسر جي تشبيهن جي پراسراريت
۽ تاريخ جي باطني تڙپ جو امڪان هوندا آهن
صوفي، نه صرف سنڌ جو خوددار آواز آهن
پر عالم انسان ۾ هر حيات جي بقا جي ضمانت به آهن
صوفي، سوڀي جيان
مِٽي جي لَپ هوندا آهن
صوفي، محبوبا جي ٻانهن جيان
دلڪش ۽ وڻندڙ هوندا آهن
صوفي، ڀٽائي جي سنڌ پرستي سچل جي سرمستي
۽ هُن جي گهٽي جي خوشبو هوندا آهن
ها! پر ڪيڏو نه عجيب آهي! ته
جڏهن آئون اِهو چوان ٿو ته
سنڌ ۾ رت جي دٻن تي عبادت گاهون ٺاهيون ويون آهن
ته منهنجي ايمان کي مشڪوڪ تصور ڪيو وڃي ٿو
جڏهن آءُ اهو چوان ٿو ته
منهنجي تهذيب، جسمن جي شاعري آهي
رقص منهنجي ضمير جو خمار آهي ته
مون تي ڪڙي اک رکي وڃي ٿي
۽ جڏهن آئون اهو چوان ٿو ته
هي صوفين ۽ باغين سان شامون
تاريخ جو جبر آهن ته
مونکي گهوري ڏٺو وڃي ٿو
ها! پر اهو سچ آهي ته
آءُ پنهنجي محبوبا جي ڇاتين جو تقدس هان!
ڇاڪاڻ ته آءُ صوفي ۽ باغي هان!
منهنجو دين، مجاز کي حرام نه پر
انساني اوسر ۽ ترقي لاءِ
بنيادي پوڙي مڃي ٿو
بيشڪ! مجاز جي محرومي منافقت کي جنم ڏيئي ٿي،
پر هيءُ منهنجو دين مونکي مجاز کان
حقيقت ڏانهن وٺي وڃي ٿو
۽ سنڌ کان عالم ڏانهن وٺي وڃي ٿو