اي ننڍا انسانو!
پوليس مقابلن جي تاريخ ڪيتري پراڻي آهي
۽ هي ڦٽڪا،
هي ڦاهيون،
هي سچو پترا،
هي ڪوڙا،
هي ڏنڊا ٻيڙيون،
هي ابتو ٽنگڻ،
۽ نازڪ جاين ۾ پيٽرول ۽ تيزاب وجھڻ،
هو چڏا چير ڪرڻ
هو ڪولين ۽ ماڪوڙين جي بڇ،
هي جيلون،
هي قيد تنهائي
اهڙن سڀني مڪروه
۽ اجگر ڏاڌاين جي هوند سوند ۾
هي پوليس مقابلو ڇو ايجاد ڪيو ويو؟
ڇا پاڻ کان مختلف سوچڻ وارن لاءِ؟
اڃان ٻيون ڪيتريون سوچون ٺاهيون وينديون؟
ها اهو اسين نٿا ڄاڻون،
پر هو اسان کي
اسان کان ئي چيرائي، ڦڙائي رهيا آهن،
اُهي ڪير آهن؟
جن لاءِ هي فورسون ٺاهيون ويون آهن
اي جڳ جا دَلتو!
اي ننڊا انسانو!
اچو ته گڏجي شڪر ڪريون
جو دوزخ وارين سزائن جا اختيار
اڃا انهن کي ناهن مليا
توڙي جو اهي تمشيلي سزائون آهن،
پر هي فورس وارا ڏئي ڏيکارين ها،
۽ هر گز نه ڪيٻائين ها!
پر منهنجي دل الاهي ڇو،
اهو سڀ مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته
پوليس مقابلن ۾ مرڻ وارا ماڻهو،
انهن کان وڏا ڏوهاري آهن،
جن لاءِ هي فورسون ٺاهيون ويون آهن،
تنهنڪري اي منهنجا ساٿيو!
اها پڪ سمجهي ڇڏيو ته
ڪا به رياست عوامي قطعا نٿي ٿي سگهي