ڇا اهو چوڻ ڪافي آهي!؟
تون جلاوطني جي درد جيان
مون ۾ هلي رهي آهين،
۽ دروازي جي ٻيڪڙ ۾ آيل
آڱر جهڙي هي حياتي
نه ڄاڻا ڪيترن سالن کان
توکي گهوري رهي آهي
ڇا تون ڄاڻين ٿي ته
هي صبح جا سمورا پل
تنهنجي آڱرين جيان آهن
۽ اونهاري جي ٽاڪ منجهند
تنهنجي ڇاتين جيان آهي
ڏس! ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته
آءُ تو ۾ تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهيان
هيءِ رات تنهنجي اوٻاسي جيان
مون کي خوبصورت لڳي رهي آهي،
هي آٿت ايڏي وڻندڙ ڇو آهي؟
آءُ نٿو ڄاڻان
پر مونکي ايئن لڳي رهيو آهي
ڄڻ مان تنهنجي گهٽي ۾
ساھ کڻي رهيو آهيان
جڏهن تون آرس ڀڃندي آهين ته
ڏاڍي خوبصورت لڳندي آهين
پر اي جانان!
ڇا اهو چوڻ ڪافي آهي ته
اسين سڀ جيئرا آهيون؟
پوءِ هي وقت ڇو ڪنهن آدرش جيان
اسان کي گهوري رهيو آهي؟