شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  تون اهو ڇو نٿي سمجهين ته.....

مان پنهنجون اکيون بند ڪرڻ چاهيان ٿو
۽ اهو ڪجه نٿو ڏسڻ چاهيان
جيڪو گهڻي وقت کان ڏسندو اچان پيو
پر منهنجي دل ته ساڳي طرح سان ڌڙ ڪي رهي آهي
۽ آءُ ساڳئي نموني سان جي رهيو آهيان
هن ڌرتي تي اهڙو ڪو به ماڻهو ڪونهي
جيڪو اهو ڄاڻي سگهي ته
آءُ ڪيئن مري رهيو آهيان
تون مون لاءِ ڪيتري ڪافي آهين
آءُ سڀ ڄاڻان ٿو
پر تون اهو ڇو نٿي سمجهين ته
ڪا ڇوڪري پنهنجو پاڻ کي
هر ڪنهن آڏو ڇو اُڇلي ڇڏيندي آهي؟
۽ هو پاڻ کي ڳولڻ لاءِ ايترن مردن جو استعمال ڇو ٿي ڪري؟
۽ ڳوٺ ۾ سوين ماڻهن جي آبادي
ٻن غريب ڀائرن کي
سردي کان محفوظ ڇو نٿي ڪري سگهي؟
۽ لکين ماڻهن ڪرسمس، هولي يا عيد تي
سٺو کاڌو کائڻ کان ڇو رهجي ويندا آهن؟
منهنجي اکين ايتري ته غريبي ڏٺي آهي
جو تون انهن کي هاڻي روئڻ کان نٿي روڪي سگهين؟
ها! اهو سچ آهي ته
تون خودڪشي ڪرڻ کان
ايترا دفعا ته روڪي ورتو آهي
جو آءُ ڳڻي نٿو سگهان!