شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

ڪيڏي ٻوسٽ ٿي لڳي!

ڪيئن ڌپ ڪري ويو،
ماڻهو جو هر ساھ،
ڪيڏي ٻوسٽ ٿي لڳي!

ڪهڙو آهي معاشرو،
مزو هر گناھ،
ڪيڏي ٻوسٽ ٿي لڳي!

ها! ڄڻ وڃي ٿي پئي،
گُهٽن ڏي هر راھ،
ڪيڏي ٻوسٽ ٿي لڳي!

لمحو، لمحو ٿو لڳي،
ٺڳجي پيو ويساھ،
ڪيڏي ٻوسٽ ٿي لڳي!

خاموشي ساڙي پئي،
بڻجي ڪائي باھ،
ڪيڏي ٻوسٽ ٿي لڳي!