شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  فقط هڪ چمي

ها! مون موت کي
ويجهو کان ڏٺو آهي،
هو ايئين لڳي رهيو هو
جيئن ڪا ٻاراڻي حرڪت هجي،
ها! اهو فقط پري جو خوف آهي،
مون پنهنجا خواب
موت جي هٿ _ ترين تي رکي ڇڏيا آهن،
آءُ پنهنجو مٿو
تنهنجن پيرن ۾ رکڻ چاهيان ٿو،
پر ڪنهن منهنجي ساهن تي
لت رکي ڇڏي آهي
۽ پنهنجون آڱريون
منهنجي پيٽ ۾ وجهي ڇڏيون آهن
آءُ فقط هڪ چمي جي ڳولا ۾ آهيان،
جيڪا هن کي ڏيڻ چاهيان ٿو
۽ نئين زندگي جيئڻ چاهيان ٿو