شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

ٽيڙو _ هائيڪا

اُلڪا ئي اُلڪا،
سنڌ جا سارا جوڀن
ڄڻ دُٻا رت جا.


ڳچي ۾ ڌاڳا،
دنيا بدلجي ٿي پئي،
اسان هون ساڳا.


هر ماڻهوقرضي،
زرر جي دور کي ٿا چون،
آسماني مرضي.


اي منهنجا رب!
تون ته آهي هيڪڙو،
هيڏا ڇو مذهب.


خالي هيءُ اڳڻ
ماڻهو بنا ٿو لڳي
گهر جي اوڳهڙڄڻ!


آئينو ڦڻي، تيل،
اڄ جو ماڻهو ٿي پيو،
ڪاسميٽڪ جيل.


چُپ چُپ آ اِتهاس،
ڌرتيءَ چيرجي ٿي پئي،
ٺهي پيو باءِ پاس.


ڪيڏو وڏو رب،
پوءِ نه هيڏي بيوسي،
ڪهڙو آھِ سبب؟


ڪهڙو ليڪچر هي،
ڄڻ ته رهجي آ وئي،
نظر ٽيچر جي.


سرڪاري بجيٽ،
ڄڻ ته چيرجي ٿو پيو،
ماڻهو سندو پيٽ.


ڪهڙو هيءُ گناھ،
ڪيئن کڻي پئي ڇهڻ سان،
ٿڌا ٿڌا ساھ.


ناهي هو ساڳيو،
ڪالھ به بيبيءَ کان،
پڙهايم ڌاگو.


ٽالهيءَ جا هي وڻ،
ڌرتي تي فطرت جون
چُميون آهن ڄڻ.


ميڊيا جو ڌڻ،
ڳهجون ڪنهن لاش تي،
ويٺل آهن ڄڻ.


لياقت، پَرُ، حبيب!
اڃا تائين پيو لڀي،
ماڻهو يَر نصيب.


ڪيئن قبوليان توڪ،
چئوس منهنجي من ۾،
ستل آهي جهوڪ.


ايئن آخر ڇو؟
هرڪو پنهنجي لاءِ ۽،
خدا سڀني جو.


هُن جو هاءَ ڪئي
ڄڻ بوسڪي جي ٿان تي
آڱر گهمي وئي!


ناهي ڪجھ به ٻيو،
هر ماڻهو نتيجو آ،
صنعتي قدرن جو.


ماڻهو جا اي رب!
وڻن جو به ٿيندو آ،
ڀلا ڪو مذهب؟


واريءَ جا دڙا،
ڄڻ ته واجهائين پيا،
ڇورين لاءِ ڇڙا.


روڊ ڀرسان وڻ،
ڪٺور ترقي جي دور ۾،
آٿت آهي ڄڻ.


پُهتي نظر ڪا،
ڏِس ته ڪيئن پيا اُٿن،
ڇنڊا جوڀن جا!


مندر وارو گيٽ،
هن کي ڏسي محسوس ٿيو،
اکيون ڀي ڄڻ پيٽ،


ڪپڙي جو ”شاپ“
جنهن ۾ ويٺل نينگريون،
ڪوهياري آلاپ.


ڪهڙو هيءُ ”بيس“
سارو پڌر سهڪڻ لڳو،
جيئن ٿي رسيس.


ختم ٿيو ڪلاس،
اَڇي وڳي ۾ پئي لڳي،
ڄڻ ڪو کير گلاس.


هُونئين موڪل ٿي،
پرڪا خوشبوءَ رهجي وئي،
”سَر“ جي ليڪچرجي.


اوڏڻ هٿ مِٽي،
ڪيئن آلي پئي ٿئي،
ڪنهنجي من _ گھٽي.


ريل جي بوگي،
ڇاڇا سوچي ٿو پيو،
هيٺ ويٺل جوڳي.


پئي پن ڇڻيا،
وڻ جي هيٺيان ٻڪري،
بيٺي ڦر ڄڻيا