شاعري

اچو ته خواب ڏسون

اچو ته خواب ڏسون درگاهي گبول جو شعري مجموعو آهي ۽ هي ڪتاب جهڙوڪ ڪي سنهري خواب ٿو ڏيکاري ۽ خواب خوشحالي، پيار ۽ پريت وارا خواب آهن ۽ ڪتاب جو عنوان ئي خوابن جي ڏسڻ جي دعوت ڏئي ٿو۔ مونکي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو ته سچ حيرت اها هئي ته سنڌ ۾ ڪر اهڙا به تخليقڪار آهن جيڪي ميلن جهميلن کان ڪوهين ڏور شاعري ۽ علم ادب جا ڏيئا ٻاري رهيا آهن ۽ عامّ تائين روشني پهچائي رهيا آهن ۔
Title Cover of book اچو ته خواب ڏسون

  هوءَ....

هو پکين جي سمهڻ جيان حسين آهي،
هو جهرڪي جي ساھ کڻڻ جيان آهي،
هو پنهنجي ساڄي ٻانهن،
ڪنهن جي سيراندي لاءِ کولي سمهندي آهي؟
بستري تي هن جي گچي جو تعويذ
ٿڌي شوڪاري جيان لڳي رهيو آهي،
هو پيرن تي عورتن جي اچڻ جيان خوبصورت لڳي رهي آهي
نوجوان نينگري جي گهٻراهٽ جيان
هو اکين ۾ لهي رهي آهي
شاخ تي بيٺل سمورا وڻ
ڄڻ هن جون وکون آهن،
وهندڙ پاڻي هن جي ساهن جيان
ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي
هن جون اکيون وڻ پوکڻ جي ڏينهن جيان
الاهي پرڪشش آهن
ها! انهن کي ٻڌايو ته
سونهن ئي وڏي عبادت آهي
ها! چمين کي ڏند ناهن هوندا
۽ غربت هاڻيون عبادتون
ڪوئي ڪمال ناهن ڏيکارينديون.