خيال ڪسوٽي ناهِ ڪا! سڀ ڪجھ سرگرمي، خيال ڪسوٽي ناهِ ڪا! فطرت ۾ ماڻهو بنا، ناهي ڪو ڌرمي، خيال ڪسوٽي ناهِ ڪا! ڇا لئـ چئي ٿو دِيد کي، مذهب بي شرمي؟ خيال ڪسوٽي ناهِ ڪا! هيڏي استحصال ۾، ماڻهو ڇو ڪرمي؟ خيال ڪسوٽي ناهِ ڪا!