فڪر آ ڄڻ ڀٽائي جو
يا آهن ڪي ڪچا آنڀا،
هي ٻيئي چپ تنهنجا جانان!
آڱرين لوڪ گيتن جيان
هلن پيون من منهنجي ۾
توکي سهرن آهي ڳوهيو
بدن خوشبوءِ زيتونن جي
هي ٻيئي نيڻ ڀي تنهنجا
ها! واهن تي وڻن وانگي
۽ ٻانهون ڀي ٻنن وانگي
ڪچي جي ڳوٺ جان ڇاتيءَ
اسان کي ٿي ڪري پنهنجو
پريت هي، پنڌ ڳوٺن جو
۽ ان ۾ مڌ جوڀن جو
فڪر آ ڄڻ ڀٽائي جو،
فڪر آ ڄڻ ڀٽائي جو،