ڇا تون مونکي ٻڌائينديءَ
هي تنهنجو اکيون
ڪنهن جديد نظري جي
وابستگي جيان ڇو آهن؟
ڇا تون مونکي ٻڌائيندين؟ ته
تنهنجو هي بدن
ڪنهن بصيرت جيان
مونکي معامل فهمي ڇو بخشيندو آهي؟
ڇا تون مونکي ٻڌائيندين؟ ته
تنهنجون هي آڱريون
منهنجي من ۾ ايئن
ڇو لهي وينديون آهن؟
ڇا تون مونکي ٻڌائيندين؟ ته
آءُ توکي ڪٿان کان
پسند ڪرڻ شروع ڪيان؟
نرڙ کان
هٿ _ ترين کان
يا انهن اُگهاڙن پيرن کان
ڇا تون مونکي ٻڌائيندين؟ ته
تون رات جو
ايئن آرس ڇو ڀڃيندي آهين؟
۽ سمهڻ مهل
ڇا سوچي سمهندي آهين؟
ڇا تون مونکي ٻڌائيندين؟ ته
آ توکي ڏسڻ کان سواءِ
هنن اکين جي بينائي کي
ڪيئن ۽ ڪٿان پُوريان؟
۽ هن تنهائي کي ڪٿي لوڙهي اَچان؟
ڇا تون مونکي ٻڌائيندين؟ ته
آئون تنهنجو مُعتقد ڪيئن ٿي سگهان ٿو؟
۽ توتي ايمان آڻي
اهو ئي عقيدو جنميان ته
تون ئي سڀ ڪجه آهين !