هيءَ جِيءُ حضوري....؟
اسين هاءِ گهوڙا ڪرڻ جا
عادي ٿي چُڪا آهيون
اهو انساني الميو آهي
يا ڪو سماجي لقاءُ
آءُ نٿو ڄاڻان
پر اهو ڪو به نٿو ٻڌائي ته
هيءَ جِيءُ حضوري
اِنساني اِرتقا لاءِ ضروري آهي
ٿا مُنهن ڀر ڪِري جيئڻ لاءِ هوندي آهي؟
آءُ هن کان پڇان ٿو
پر هڪ واعظ آ
جيڪو منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي
هيءُ غلامي جو آڙاھ اَلائيجي ڪيترن نسلن تائين ڦهليل آهي
ها! هڪ نميل نسل
اسان جو پيڇو ڪري رهيو آهي
ڇا تو اهو ٻڌو آهي؟ ته
ڍَوهڪ خوبصورت لقاءُ آهي
آءُ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته
انسان کي غير فطري طريقي سان
سماجي بڻائڻ ڇو هوندا آهن؟
هيءَ انساني اُڀا ساهيءَ جا الميا
ڪيڏا نه پراڻا ٿي چڪا آهن؟
پر پوءِ به هر انسان
سماجي سڪراتن جو هوبهو اولڙو آهي
عقيدن جي حقمرانيءَ
۽ ڪوس گهرن ۾ ڪيترو فرق آهي؟
آءُ اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان،