وساري نٿو سگهان
هٿ _ ترين کان، پيرن کان
۽ نه وري هِن بدن کان
ڪٿان کان به نه!!
آءُ اڄ به تنهنجي هٿ _ ترين تي،
ڪجه به لکي سگهان ٿو
مونکي ياد آهي ته ڪيئين
هنن چيو، هٿ _ ترين تي ساه کنيا هئا،
۽ تنهنجي اگهاڙن پيرن کي ڪير ٿو وساري سگهي!؟
اهي ته اَڄ به من اسٿان ۾ ايئن هلي رهيا آهن،
جيئن بدن تي آڱريون گهمي رهيون هجن،
ياد آٿئي؟
آءُ ڪيئن تنهنجي پيرن جي ڪِتڪائي کي
پوري بدن ۾ ڊوڙائي ڇڏيندو هئس
تنهنجي پيرن جي چمڻ جي سعادت
ايتري خوبصورت آهي جو
آءُ وکي ڪٿان کان وساري نٿو سگهان!